ڪوٽڙي ۾ مڙس، زال ۽ معصوم ٻار بيدرديءَ سان ڪهي قتل، گهر… ڪوٽڙي ۾ مڙس، زال ۽ معصوم ٻار بيدرديءَ سان ڪهي قتل، گهر مان ڳلا ڪپيل لاش هٿ


ڪوٽڙي (رپورٽ: شوڪت ميمڻ) ڪوٽڙي جي علائقي سڪندر آباد جي هڪ مسواڙي گهر ۾ رهندڙ، ننڊ ۾ ستل زال، مڙس ۽ سندن 8 سالن جي معصوم ٻار کي ڇريءَ سان ڳلا ڪپي کين قتل ڪيو ويو، مسواڙ جي گهر ۾ رهندڙ 35 سالن جو الطاف غوري، 34 سالن جي سندس زال مينا ۽ 8 سالن جي سندن ٻارڙي عادل جا ڳلا ڪپيل لاش سندن گهر مان پٽ تي سندن بسترن تي پيل حالت ۾ مليا آهن، واقعي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٽنهي مقتولن جا لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ايمبولنس ذريعي لاش ڪوٽڙي جي ڊي ايچ ڪيو اسپتال منتقل ڪيا ويا، جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. ان حوالي سان ڊي ايس پي جو چوڻ هو ته شروعاتي معلومات موجب معاملو ذاتي دشمني ۽ گهريلو تڪرار جو لڳي رهيو آهي، فلحال يقين سان ڪجھه نه ٿو ٻڌائي سگهجي، وڌيڪ جاچ ڪرڻ بعد کي خبر پئجي سگهندي ته ٽنهي گهرڀاتين کي ڪنهن قتل ڪيو آهي. ڊي ايس پي ڪوٽڙي موجب لاشن ڀرسان واردات ۾ استعمال ۾ ٿيل ڇري به هٿ آئي آهي، جنهن کي تحويل ۾ وٺي معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، واقعي بعد ايس ايس پي ڄامشورو محمد طارق نواز ڪوٽڙي پڻ واقعي واري هنڌ پهچي ويو، جنهن ڊي ايس پي ڪوٽڙي عرفان ڀٽو، سي آءِ اي انچارج ڄامشورو محمد خان برهماڻي ۽ ايس ايچ او ڪوٽڙي سائيٽ فرخ رضا هاشمي کي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪرڻ جون هدايتون ڏيندي ٻڌايو ته ڪيس جي جاچ ڪئي پئي وڃي ته واقعو ڪيئن ٿيو، واقعي جا ثبوت گڏ ڪيا ويا آهن، جلد جوابدارن جو به پتو لڳايو ويندو، ڊي ايس پي ڪوٽڙي جو وڌيڪ چوڻ هو ته گهر جي هيٺئين پورشن ۾ رهندڙ گهر جي مالڪن شروعاتي طور بيان ڏنو آهي ته معصوم ٻارڙو گهر هجڻ ڪري صبح جو معمول موجب چهل پهل نه ٿيڻ ۽ خاموشي هجڻ تي کين شڪ پيو، جنهن تي پاڙيوارن مٿي چڙهي گهر ۾ ڏٺو ته ٽنهي گهرڀاتين جا لاش پيل هئا.

=========================

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں