)؛ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پنهنجي ٽيم سان گڏ ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بنهسين جي قيادت ۾ 10 رڪني وفد سان ملاقات ڪئي.

ڪراچي (15 مئي)؛ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پنهنجي ٽيم سان گڏ ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بنهسين جي قيادت ۾ 10 رڪني وفد سان ملاقات ڪئي. عالمي بئنڪ جي مالي امداد تحت چار وڏن منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو ته انهن منصوبن تي عملدرآمد کي فوري طور تي تيز ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ جي سموري عوام کي وقت سر فائدا پهچائي سگهجن. اجلاس وزیراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ سنڌ جا صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچو، سعید غنی، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ نجم شاهه، وڏي وزير جو خاص مددگار سرفراز راجپر ۽ صحت، سماجي تحفظ ۽ بلدياتي شعبن جي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. ورلڊ بئنڪ جي وفد ۾ 10 ماهر شامل هئا جن ۾ آپريشن آفيسر حنا سليم لوٽيا، پريڪٽس مينيجر جوسس موگابي ۽ ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اسپيشلسٽ ليسلي جين يو سميت ٻين ماهرن شامل هئا. ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج سروسز امپروومنٽ پروجيڪٽ؛ پهرئين مرحلي جي ڪاميابي کي نظر ۾ رکندي KWSIP 2 جو مقصد ڪراچي ۾ پاڻي ۽ نيڪال جي سهولتن کي وڌائڻ آهي. سنڌ حڪومت ٻڌايو ته منصوبي جو نئون پروجيڪٽ آپريشنل مينول (POM) تيار ڪري ورلڊ بئنڪ کي منظوري لاءِ جمع ڪرايو ويو آهي. هن مينول ۾ منصوبي جي نفاذ لاءِ پاليسيون، طريقيڪار ۽ نئون تنظيماتي ڍانچو شامل آهي جيڪو ماحوليات، سماجي تحفظ، صنفي برابري، مالي، خريداري، پروفيشنل صحت، ٽيڪنيڪل شعبا، مواصلات، نگراني ۽ جائزو، GIS ۽ IT ۾ ماهر ڪنسلٽنٽس جون خدمتون حاصل ڪندو. وڏي وزير چيو ته PIO منصوبي جي ڊائريڪٽر کي رپورٽ ڪندو جنهن کي منصوبابنديءَ جا سمورا فيصلو ڪرڻ جو مڪمل اختيار حاصل هوندو. اها حڪمتِ عملي ڪراچي جي تيزي سان وڌندڙ آبادي کي بهتر خدمت فراهم ڪرڻ لاءِ ترتيب ڏنل آهي. سنڌ انٽيگريٽيڊ هيلٿ اينڊ پاپوليشن 1000 ڊيز پروجيڪٽ؛ هي 61.6 ارب روپين جو وڏو منصوبو آهي جنهن جو مقصد 392 سرڪاري ڊسپنسري ۽ 121 بنيادي صحت مرڪزن جي بحالي ۽ اپ گريڊنگ آهي جيئن عوام کي بنيادي طبي سهولتون بهتر طور تي فراهم ٿي سگهن. ان منصوبي ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ تي پڻ خاص ڌيان ڏنو ويو آهي جنهن تحت هنر سکيا ۽ مائڪروفنانس جا مواقع فراهم ڪيا ويندا. صوبائي حڪومت ٻڌايو ته صحت مرڪزن جي پهرين مرحلي جو سروے مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ امڪاني ٺيڪيدارن لاءِ روڊ شو 19 مئي 2025 تي منعقد ڪيو ويندو. هي منصوبو سنڌ ۾ يونيفارسل هيلٿ ڪوريج حاصل ڪرڻ جي هڪ اهم قدمي آهي. سوشل پروٽيڪشن ڊليوري سسٽم: وڏي وزير مراد علي شاھ چيو ته هي 48.3 ارب روپين جو منصوبو 15 ڳوٺاڻي ضلعن ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ۽ پٺتي پيل طبقن فائدو پهچائيندو ۽ اڃا تائين ان ۾ 6 لک 22 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي رجسٽر ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته هن نظام ۾ رئيل ٽائم ادائيگي جون سهولتون ۽ نوان آپريشنل آفيسرز قائم ڪيا ويا آهن ته جيئن سماجي تحفظ جا فائدا مؤثر طريقي سان فراهم ٿي سگهن. سنڌ ٽرانسفارمیشنل ايڪسليريٽيڊ رورل واٽر سپلائي، سينٽائيشن اينڊ هائجين سروسز (STARR WASH)؛ هي 400 ملين ڊالر جي ورلڊ بئنڪ جي مالي مدد سان جاري منصوبو آهي جنهن کي ايشيائي ترقياتي بينڪ کان وڌيڪ 300 ملين ڊالر جي مدد حاصل ٿيڻ جو امڪان آهي. STARR WASH جو مقصد نوا ضلعا ۾ ديهي علائقن ۾ صاف پاڻي، نيڪاس آب ۽ صفائي جون سهولتون بهتر بنائڻ آهي. بيج فنڊنگ، ڀرتيون ۽ آپريشنل سيٽ اپ جو عمل رڪجي ويو آهي جنهن سبب منصوبن جي ڄاڻي مدي اندر ۽ بين الاقوامي اعتماد کي خطرو لاحق ٿي رهيو آهي. ان صورتحال ۾ سنڌ حڪومت ورلڊ بئنڪ سان اعليٰ سطح جي مشاورت ۽ عارضی فنڊز جي فراہمي جي تجويز ڏني آهي ته جيئن منصوبن جي رفتار بحال ٿي سگهي. وڏي وزير مراد علي شاھ انهن منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد جو ٻيهر عزم ظاهر ڪيو ۽ چيو ته اهي منصوبا سنڌ جي صحت، پاڻي، صفائي ۽ سماجي تحفظ جي شعبن ۾ انقلابي تبديليون آڻي سگهن ٿا. ورلڊ بئنڪ جي وفد انهن منصوبن جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪندي وقت سر منظوري ۽ ٽيڪنيڪل مدد جي خاطري ڪرائي ته جيئن درپيش رڪاوٽن تي ضابطو آڻجي. سنڌ حڪومت ۽ ورلڊ بئنڪ ۾ هي شراڪت پائيدار ترقي، عوامي سهولتن ۾ بهتري ۽ صوبائي شهرين جي معيارِ زندگي کي بهتر ڪرڻ لاءِ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿي رهي آهي.
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں