سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهي فاتح خواني ڪئي

لاڙڪاڻو( رپورٹ محمد عاشق پٹھان) سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهي فاتح خواني ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي جي گهرج کان اڌ جيتري پاڻي موجود آهي، گذريل ڏينهن اسان جي نئين پائيپ لائين داٻيجي ۾ مرمتي ڪم دوران ٿورو مسئلو ٿيو، ڪي فور منصوبي جي هڪ ڪمپونينٽ تي وفاق ۽ ٽن ڪمپوننيٽ تي سنڌ حڪومت ڪم ڪم ڪري رهي آهي گڏوگڏ حب ڊيم 1000 ايم جي ڊي پاڻي آڻڻ لاءِ ڪئنال ٺاهي رهيا آهيون ان جي اڏاوت ۾ اسان ڪنهن جي مدد نه پر سنڌ حڪومت پاڻ آگسٽ کان ان تي ڪم شروع ڪيو جنهن ڪم کي اپريل يا مئي يا جون کان اڳ مڪمل ڪيو ويندو. ڪئنالن بابت پڇا ڪيل سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته ڪئنال ان ڪري نه ٺهندا جو سسٽم ۾ پاڻي وڌيڪ پاڻي ناهي ته پوءِ ڪئنال ڪٿان ٺهندا، اسان جو ڪالاباغ ڊيم تي به اِهو اعتراض هو ته پاڻي موجود ناهي ته ان کي ڇا هوا سان ڀريندئو، اسان سڀ کان پهريان کان پهريان پاڻي جي بچت جي طريقي کي ڏسڻو پوندو پاڻي جي لائيننگ سميت ٻين رٿائن جي حوالي سان پيپلز پارٽي وڏو ڪم ڪيو آهي، صدر آصف علي زرداريءَ جي پهرين ترجيح آهي ته لائيننگ ڪري پاڻي بچائي سگهو جيئن جيئن آبادي وڌندي تيئن تيئن پوکي لاءِ پاڻي جي ضرورت وڌندي جنهن پاڻي جي ضرورت آهي يا وڌندي نه اها اتي ئي موجود هوندي ۽ ڊيم لاءِ اضافي پاڻي هئڻ گهرجي، هر حڪومت کي اِهو اختيار هوندو آهي ته هو پنهنجون رٿائون ٺاهي پر پاڻي جي معاملي تي آئين واضع آحي ته جيڪڏهن ڪنهن ڌر يا صوبي کي اعتراض آهي ته هو گڏيل مفادن جي ڪائونسل ۾ ويندو آهي، اهڙي ڪا ڳالهه ٿي ته اسان گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ وينداسين. هن چيو ته گذريل سنڌ حڪومت هڪ کان چار گريڊ جون نوڪريون ڏنيون پر ٻيهر گريڊ هڪ کان چار جي نوڪرين لاءِ سنڌ حڪومت گذريل سال اشتهار ڏنا پر ڪجهه ماڻهو عدالتن ۾ ويا ۽ خبر ناهي ته عدالتن ڇا سمجهيو ڇاڪاڻ ته هي نوڪريون اميرن جون نه پر غريبن لاءِ هونديون آهن ۽ اهي نوڪريون عدالت مان رد ڪرايون ويون، اسان جي ٻيهر حڪومت اچڻ تي 7 مهينن تائين معاملو ڦاٿل رهيو، هاڻي اهو معاملو عدالت مان ڪليئر ٿي ويو آهي انهن خالي پيل جاين تي ٻيهر ڀرتيون ڪنداسين. هن چيو ته امن امان جي صورتحال اڳ کان ڪجهه بهتر ٿي آهي جڏهن اسان حڪومت ڇڏي ۽ 7 کان 8 مهيني کان پوءِ حڪومت سنڀالي ته ان جي عرصي کان پوءِ ڪافي فرق هيو خاص طور ڪچي جي ٽن ضلعن ڪشمور ڪنڌڪوٽ، شڪارپور ۽ گهوٽڪي سميت ڪجهه جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻِ ۾ امن امان جو مسئلو هيو پر اسان شڪارپور ۾ ڌاڙيلن جي ٿاڪن تائين وڃي ڪيترن ئي جهنم جو رستو ڏيکاريو ۽ ڪجهه علائقا ڌاڙيلن کان خالي ڪرايا، سنڌ حڪومت ترقياتي ڪمن اسڪول، اسپتال ۽ روڊن تي ڪم ڪري رهي آهي ان سان گڏ ڪشمور ۾ به ڪافي ڪاميابي ملي آهي ۽ گهوٽڪي اڳي کان ڪافي بهتر آهي، مان ائي نه ٿو چوان ته سڀ ڪجهه بهتر آهي. هن چيو ته 2007ع ۾ مان ڳڙهي خدابخش ڀٽو ايندو هيس ته اسان کي سکر کان لکي تائين اچڻ لاءِ ڪانواءِ جي ضرورت پوندي هئي پر هاڻي اهي حالتون ناهن ۽ مان ائين نه ٿو چوان ته حالتون اطمينان بخش آهن ۽ جيڪا خراب ٿي آهي ان کي دور ڪري ماڻهن کي امن جو ماحول ڏينداسين ته جيئن هو پنهنجو ڪم ڪار ڪري سگهن. هن چيو ته قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اسلام آباد ۾ حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهين لاءِ ڪميٽي جوڙي آهي، مان هڪ سياسي شاگرد هجڻ جي ناتي چوندس ته هر شيءَ ۽ اختلاف کي ڳالهين جي ذريعي ختم ڪري سگهجي ٿو پر بدقسمتي سان پي ٽي آءِ وارن هڪ ماڻهوءَ جي لاءِ پوري ملڪ کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو جيڪو ڪجهه 9 مئي ۽ تازو 26 نومبر تي اسلام آباد ۾ ٻيهر هنن جيڪو ڪجهه ڪيو، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته هاڻي سٺي ڳالهه آهي ته پي ٽي آءِ ڳالهين ڪرڻ جو سوچيو ڇاڪاڻ اڳ پي ٽي آءِ وارا اِهو فيصلو نه پيا ڪري سگهن ته ڳالهيون ڪرڻيون آهن يا نه پوءِ ڪنهن سان ڪرڻيون آهن ۽ انهن جي ٽيم ڪهڙي آهي اها به ڳالهه هنن کي سمجهه ۾نه پئي اچي، سياسي طور تي پي ٽي آءِ وارا ڪجهه نابالغ آهن مون کي اميد آهي ته هنن سکيو هوندو، جيڪو سياست ۽ جمهوريت جو طريقو آهي ته ڳالهين جي ذريعي پنهنجي اختلافن کي ختم ڪرڻو آهي ان تي هو عمل ڪندا. ان موقعي تي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه، پيپلز پارٽي ضلعي لاڙڪاڻي جو صدر ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو، ايم پي اي لاڙڪاڻو جميل احمد سومرو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

اپنا تبصرہ بھیجیں