ڊسٽرڪٽ سيشن جج ٺٽو جي عدالت 5 سال اڳ ور شھر ۾ اجتماعي ڏاڍائي بعد بيدردي سان قتل ٿيل 7 ورهين جي معصوم ٻارڙِي جي قتل ۽ زيادتي ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي ڦاسي جي سزا ٻڌائي ڇڏي،

ٺٽو(ڊر) ڊسٽرڪٽ سيشن جج ٺٽو جي عدالت 5 سال اڳ ور شھر ۾ اجتماعي ڏاڍائي بعد بيدردي سان قتل ٿيل 7 ورهين جي معصوم ٻارڙِي جي قتل ۽ زيادتي ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي ڦاسي جي سزا ٻڌائي ڇڏي، تفصيل موجب گهوڙاٻاري ٿاڻي جي حد ور شھر ڀرسان 2019ع ۾ 7 ورهين جي معصوم ٻارڙي دعا ولاسيو کي سندس چاچي ارشاد ولاسيو هڪ وحشي جوابدار سڪندر شاھ سان گڏجي ورغلائي ڪيلي جي فصل ۾ وٺي وڃي ساڻس زيادتي بعد ڏوھ لڪائڻ لاء کيس گهٽا ڏيئي قتل ڪري ڇڏيو هو معصوم ٻارڙي دعا جو لاش ڪيلي جي فصل مان هٿ اچڻ بعد واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو جاچ بعد گهوڙاٻاري پوليس معصوم دعا جي چاچي ارشاد ولاسيو کي گرفتار ڪيو هو جنهن جاچ دوران جوابدار سڪندر شاھ سان گڏجي معصوم ٻارڙي کيڏاڍائي جو نشانو بڻائي کيس قتل ڪري لاش لڪائڻ لاء ڪيلي جي فصل ۾ ڦٽو ڪرڻ جو اعتراف ڪيو هو جڏهن ته ٻئي جوابدار بدين جيل ۾ قيد هئا ڊسٽرڪٽ سيشن جج ٺٽو ميڊم مشتري خانم جي عدالت معصوم ٻارڙي دعا سان ڏاڍائي ۽ کيس قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ٻارڙي جي چاچي ارشاد ولاسيو ۽ سندس ساٿي جوابدار سڪندر شاھ کي ڦاسي جي سزا ٻڌائي ڇڏي بدين جيل مان سزا ٻڌائڻ وقت ٻنهي جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو عدالت پاران سزا ٻڌائڻ بعد ٻنهي جوابدارن کي واپس جيل اماڻيو ويو

اپنا تبصرہ بھیجیں