PSL 2025 جو اڳتي هفتي ۾ پاڪستان ۾ ٻيهر شروع ٿيڻ جو امڪان

PSL 2025 جو اڳتي هفتي ۾ پاڪستان ۾ ٻيهر شروع ٿيڻ جو امڪان
ڀارت ۽ پاڪستان جي درميان تڪراري صورتحال بعد اوورسيز ڪھلاڙين جي دستيابي وڏو مسئلو

راولپنڊي، 9 مئي 2025 – پاڪستان سپر ليگ (PSL) 2025 جو باقي ٽورنامنٽ اڳتي هفتي ۾ پاڪستان ۾ ٻيهر شروع ٿيڻ جو امڪان آهي. ليگ کي ڀارت ۽ پاڪستان جي درميان وڌندڙ سرحدي ڇڪتاڻ جي ڪري ملتوي ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ پي سي بي ۽ فرنچائزز جلدي سيزن مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

ليگ ۾ اڃا اٺ ميچ باقي آهن، ۽ پي سي بي پير تي فرنچائزز سان ميٽنگ ڪري تاريخون ۽ مقامات تي بحث ڪئي. سڀ کان وڏو چيلنج اوورسيز ڪھلاڙين جي واپسي آهي، ڇوته رپورٽن مطابق گهڻا ڪھلاڙي واپس نه ايندا. انهي صورتحال کي ڏسي پي سي بي “ريپليسمنٽ ڊرافٽ” جو به پلان ٺاهي رهيو آهي ته جيئن ٽيمون مڪمل ڪري سگهجن.

ليگ جي معطلي کان اڳ، پي سي بي راولپنڊي جي بدران ڪراچي ۾ ميچز منتقل ڪرڻ جو سوچيو، پوءِ متحدہ عرب امارات منتقل ٿيڻ جو اعلان ڪيو، پر آخرڪار وزيراعظم شھباز شريف جي صلاح سان ٽورنامنٽ کي غير معينه مدت لاءِ ملتوي ڪيو ويو. ان دوران اوورسيز ڪھلاڙين سان ٿيندڙ ميٽنگ ۾ انهن جي ذهني حالت ڏسي کين متحدہ عرب امارات منتقل ڪيو ويو.

PSL 2025 جي اختتام سان گڏ فرنچائزز جا ڏهه ساله معاهدا ختم ٿي رهيا آهن، جن جي تجديد ٿيڻي آهي. موجوده مالڪن کي ترجيحي حق حاصل آهي، پر ڪجهه ٽيمون مستقل خريداري تي غور ڪري رهيون آهن. انهي کان علاوه، PSL جي مئي جي آخر تائين جاري رهڻ سان بنگلاديش جي پاڪستان دوري تي به اثر پئي سگهي ٿو، جنهن تي بي سي بي سان گفتگو جاري آهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں