) ميونسپل ڪميٽي ٺٽي جو پهريون تعارفي اجلاس چيئرمين ادا محمد ميمڻ جي صدارت ۾ ميونسپل ڪميٽي ھال ۾ ٿي گذريو، جنھن ۾ وائيس چيئرمين عبدالعزيز پکيئڙو سميت سمورن ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، اجلاس کي خطاب ڪندي ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين ادا محمد ميمڻ چيو تہ ٺٽي شھر کي صاف سٿرو بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رھيا آھيون،

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ميونسپل ڪميٽي ٺٽي جو پهريون تعارفي اجلاس چيئرمين ادا محمد ميمڻ جي صدارت ۾ ميونسپل ڪميٽي ھال ۾ ٿي گذريو، جنھن ۾ وائيس چيئرمين عبدالعزيز پکيئڙو سميت سمورن ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، اجلاس کي خطاب ڪندي ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين ادا محمد ميمڻ چيو تہ ٺٽي شھر کي صاف سٿرو بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رھيا آھيون، ڪيترن ئي سالن کان گٽر نالن ۾ گند ڪچرو جمع ٿيڻ سبب نالا مڪمل طور تي بند پيل آهن، جن جي بحاليءَ لاءِ اپاءُ ورتا وڃن پيا، ان سان گڏوگڏ ٺٽي جي بازار متعلق جيڪي مسلا آهن آھي واپارين توڙي شھري شھرين سان گڏجي حل ڪنداسين. ھن چيو تہ ميونسپل ڪميٽي ٺٽي جي آفيس ۾ شڪايتي سيل پڻ قائم ڪيو ويندو تہ جيئن شھري پنھنجي مسئلن بابت شڪايتون درج ڪرائي سگھن، خطاب ڪندي ميونسپل ڪميٽي ٺٽو جي وائيس چيئرمين عبدالعزيز پکيئڙو چيو تہ ٺٽي شھر ۾ گذريل پنج سالن کان وڏو گند جمع ٿيل آهي جنھن کي صاف ڪرڻ لاء ڪجھ وقت ضرور لڳندو ھن چيو تہ ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين ادا محمد جي اڳواڻي ۾ ٺٽي شھر جي صفائي توڙي ٻين مسئلن بابت عملي طور تي ڏينھن رات ڪم کي جاري رکنداسين. ھن چيو تہ ميونسپل جا ڪائونسلر شھرين سان رابطي ۾ اچي انھن جي مسئلن کي حل ڪرڻ جون ڪوششون ڪن، اسانجو ساڻن مڪمل ساٿ رھندو، اجلاس ۾ محمد حنيف لاسي سميت سمورا ڪائونسلر پڻ موجود ھئا.
=============

اپنا تبصرہ بھیجیں