
ڪراچي (26 آگسٽ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه بلوچستان ۾ فورسز جي ڪامياب آپريشن کي ساراهيندي چيو آهي ته 21 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ وڏي ڪاميابي آهي. هن چيو ته اسان جي جوانن جا حوصلا بلند آهن ۽ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين سک سان نه ويهندا. وڏي وزير دهشتگردي کي ملڪ جي ترقي ۽ استحڪام ۾ سڀ کان وڏو چئلينج قرار ڏنو، اسان جي عظيم قوت جلد ئي ملڪ دشمن ٽولن کي سندن انجام تائين پهچائيندي. هن چيو ته مون کي 14 جوانن جي شهادت تي گهڻو افسوس آهي پر انهن جي جذبي کي سلام پيش ڪريان ٿو جيڪي هر وقت ملڪ جي خدمت لاءِ موجود آهن ۽ پنهنجي جان قربان ڪرڻ کان به پوئتي نٿا هٽن. هن چيو ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن هن ملڪ ۾ حقيقي خوشيون واپس اينديون ۽ اسان جا نوجوان ملڪ کي ٻين ملڪن جيان پهرين صف ۾ بيهاريندا. هن چيو ته پاڪستان هميشه خوشحال رهندو. اسان ملڪ کي وڏين قربانين کانپوءِ حاصل ڪيو آهي ۽ ڪنهن کي ميري اک سان ڏسڻ جي اجازت هرگز نه ڏينداسين. وڏي وزير شهيدن جي بلند درجات ۽ جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام جي دعا ڪئي. ان کان اڳ وڏي وزير بلوچستان جي موسيٰ خيل ۾ 38 بيگناهه پاڪستانين کي سڃاڻپ جي بنياد تي قتل ڪرڻ واري بزدليءَ واري عمل جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته بيگناهه ماڻهن کي گاڏين مان ٻاهر ڪڍي قتل ڪرڻ بزدلاڻو عمل آهي. هن چيو ته ان وحشياڻي عمل جي ڪيتري به مذمت ڪجي اهو افسوسناڪ ۽ دل ڏاريندڙ واقعو آهي. وڏي وزير مارجي ويلن جي وارثن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته سنڌ حڪومت زخمين کي هر قسم جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. وڏي وزير زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.


