) 10 محرم الحرام يوم عاشوري ُجي ڏيھاڙي تي جتي سموري عالم اسلام جا مسلمان غم حسين عليه السلام جي غم ۾ غمگين آھن،

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) 10 محرم الحرام يوم عاشوري ُجي ڏيھاڙي تي جتي سموري عالم اسلام جا مسلمان غم حسين عليه السلام جي غم ۾ غمگين آھن، ان ڏيھاڙي تي جنگشاھي ويجھو قديمي درگاھ حضرت سيد امير شاھ جيلاني جي خدمتگار دل جي مريض غلام قادر جوکيو کي شرپسندن پاران بلاجواز درگاھ تي پھچي موتمار ڌمڪيون ڏيئي کيس حراسان ڪيو پيو وڃي، اھڙي عمل بعد درگاھ جي عقيدتمندن ۽ زائرين ۾ سخت ڪاوڙ جي لھر ڇانيل آھي، جن اھڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو اھي تہ ضلعي انتظاميہ ٺٽو کي فورن ان عمل جو نوٽيس وٺي درگاھ تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪري درگاھ جي خدمتگار غلام قادر جوکيو، سندس فرزند حافظ صدام حسين جوکيو کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي. ڇاڪان جو ھن کان اڳ بہ ڪافي ڀيرا درگاھ جي خدمتگار غلام قادر جوکيو تي قاتلاڻہ حملا ٿي چڪا اھن، ھنن چيو تہ اسان سمجھون ٿا تہ درگاھ جي خدمتگار غلام قادر جوکيو ۽ سندس پٽ کي ڌمڪيون ڏيندڙن جو اصل مقصد ھنن کي درگاھ حضرت امير شاھ جيلاني جي درگاھ تان ھٽائي پاڻ قابض ٿيڻ چاھين ٿا، جيڪو عمل ھرگز برداشت نہ ڪيو ويندو، ھنن اعلي اختيارين کي بہ ان معاملي جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪندي درگاھ جي خدمتگار کي تحفظ مھيا ڪري کيس بلاجواز پريشان ڪري موتمار ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف ڪاروائي ڪري درگاھ جو تقدس بحال رکڻ جي پڻ گھر ڪئي اھي. جيئن زائرين ۽ عقيدتمندن ۾ ڦھليل بيچيني دور ٿي سگھي.
================================

اپنا تبصرہ بھیجیں