سنڌ ٽيڪنيڪل بورڊ جي چيئرمين مشرف علي راجپوت جي صدارت هيٺ هنگامي اجلاس، امتحاني نتيجن، اميدوارن کي سهولتون ۽ اسٽاف جي مسئلن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه

سنڌ ٽيڪنيڪل بورڊ جي چيئرمين مشرف علي راجپوت جي صدارت هيٺ هنگامي اجلاس، امتحاني نتيجن، اميدوارن کي سهولتون ۽ اسٽاف جي مسئلن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه

ڪراچي ( ) سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن بورڊ جي چيئرمين جناب مشرف علي راجپوت جي سربراهي ۾ هنگامي اجلاس بورڊ جي مرڪزي آفيس ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ بورڊ سيڪريٽري مجاهد حسين جماني، ناظم امتحانات سيد اختر علي شاهه، ترجمان زوهب احمد خان سميت سڀني شعبن جا آفيسر، مستقل ۽ روزاني اجرت تي ڪم ڪندڙ ملازمن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

اجلاس جو مقصد نه رڳو امتحاني عمل کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ هو، پر اميدوارن کي پيش ايندڙ مسئلن جو جائزو وٺڻ ۽ اسٽاف جي چئلينجن جو حل ڳولڻ به هو. چيئرمين مشرف علي راجپوت امتحاني نتيجن جي بروقت فراهمي کي ساراهيندي چيو ته شفاف ۽ وقت سر نتيجا شاگردن جو حق آهن، ۽ بورڊ پنهنجي ذميواري ڀرپور نموني نڀائي رهيو آهي.

هن سڀني اسٽاف کي سخت هدايت ڏني ته ڪنهن به اميدوار کي امتحانن يا ٻين لاڳاپيل معاملن ۾ ڪا به ڏکيائي نه ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪا به شڪايت موصول ٿي ته لاڳاپيل ماڻهن خلاف بورڊ جي قانونن موجب سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

چيئرمين هن موقعي تي اعلان ڪيو ته هو انهن سڀني ملازمن جي مسئلن کان واقف آهي جيڪي گذريل 12 سالن يا ان کان وڌيڪ عرصي کان روزاني اجرت تي ڪم ڪري رهيا آهن. هن سلسلي ۾ سنڌ حڪومت سان خاص درخواست ڪئي ويندي ته اهڙن ملازمن کي جلد کان جلد مستقل ڪيو وڃي ته جيئن اهي معاشي تحفظ سان پنهنجون خدمتون ڏئي سگهن.

اجلاس جي پڄاڻي تي چيئرمين ننڍي اسٽاف سان سڌيءَ ريت ڳالهائيندي چيو: “توهان سڀ منهنجا پنهنجا ماڻهو آهيو، جيڪڏهن توهان کي ڪو به مسئلو پيش اچي ته بي جهجڪ سڌو مون سان رابطو ڪريو. مان توهان جي مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندس. توهان جي محنت ئي بورڊ جي ڪاميابي جو بنياد آهي.” چيئرمين جي ان قدم کي شرڪت ڪندڙن پاران ساراهيو ويو ۽ ان کي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيل خوش آئند قدم قرار ڏنو ويو.

اپنا تبصرہ بھیجیں