
موهن جو دڙو(رپورٽر)موهن جو دڙو ڀرسان نئين گُڏ ٻگهيا هائوس تي مگسي برادري جي منصور مگسي طارق مگسي ۽ ڏيرا برادري جي صدام ڏيرو وقار ڏيرو جي ڌرين جي جهيڙي جو فيصلو ڪيو ويو مجموعي طور تي ساڍا 35 لک ڏنڊ ڌرين تي وڌو ويو،جهيڙي جو فيصلو پ پ جي اڳوڻو ايم پي اي سردار حزب الله خان ٻگهيو ڪيو.ڏيرا برادري ۽ مگسي برادري جو 5 مهينا پهريان ڏوڪري ۾ پلاٽ جي معاملي تان جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ ھڪ واٽھڙو سميت 6 ڄڻا گوليو لڳڻ سبب زخمي ٿيا هيا.جنهن جو فيصلو اڳوڻو پ پ ايم پي اي سردار حزب الله خان ٻگهيو نئين گڏ ٻگهيا هائوس تي ڪيو.جڏھن ته ٻنهي ڌرين جا چڱا مڙس فيصلي ۾ مشير طور شرڪت ڪئي.جنهن ۾ مشيرن سرادر علي ڏنو خان گاڏھي.ارشاد خان ٻگهيو ساجن موريو وڏيرو شمن خان جوڻيجو سيف الله مگسي منصور مگسي جاويد تنيو اعجاز لغاري شھمير ميراڻي علي بخش ميتلو بلاول جوڻيجو سعيد چانڊيو مختيار انڙ جي ايم جهتيال محمد قاسم ٻگهيو وقار ڏيرو شھباز ٻگهيو محمد نواز ٻگهيو جي موجودگي ۾ فتوايٰ پڙھي ٻڌائي وئي.جنهن کي ٻنهي ڌرين قبول ڪيو.جڏھن ته ڏنڊ جي رقم ڏيرا ڌر ٽن قسطن ۾ ادا ڪندي.جڏھن ته قسطون پوريون ڪرڻ بعد مگسي برادري ڏيرا برادري کي ڪيس لکي ڏيڻ جي پابند هوندي.ان موقعي تي فيصلو ڪندڙ اڳوڻو ايم پي اي سردار حزب الله خان ٻگهيو ميڊيا کي ٻڌايو ته مگسي ۽ ڏيرا برادري جو پاڻ ۾ پلاٽ جي معاملي تان جهيڙو ٿي پيو هو.گوليون لڳڻ سبب جهيڙي ۾ ٻنهي ڌرين جا 6 ڄڻا زخمي ٿيا هيا.زخمين ۾ طارق مگسي ذوالفقار مگسي سيف الله ڏيرو علي ڏنو ڏيرو مهراڻ علي ڏيرو هڪ واٽھڙو وسيم ماڇي زخمي ٿيا هيا.هن ٻڌايو ته مگسي ۽ ڏيرا برادري جو جهيڙي کي ختم ڪرايو آھي.هن چيو ته مگسي برادري کي ڏيرا برادري ساڍا 32 لک ڏنڊ ڀري ڏيڻ جي پابند هوندي جڏھن ته مگسي برادري 3 لک ڏيرا برادري کي ڏنڊ جي رقم ادا ڪندي.هوڏانهن مگسي برادري پاران ڏيرا ڌر کي ڏنڊ مان رقم 5 لک معاف ڪيا آھن.هن چيو ته ڏيرا برادري مگسين وٽ ميڙ وٺي ويندي.هن ٻڌايو ته ٻنهي ڌرين فيصلي کي قبول ڪيو ۽ ڌريون پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويون.هوڏانهن ٻنهي ڌرين ۾ ٺھڻ کان پوء علائقي ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي.


