
ٺٽو رپورٽ علي گوهر قمبراڻي
سنڌو درياءُ تي ڪئنالن جي اڏاوت ۽ درياءُ جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف مڪلي تي ٺٽي ضلعي جا سوين استاد ڪلرڪ لوئر اسٽاف جا ملازم سياسي سماجي ڪارڪن روڊن تي نڪري آيا ڊي سي چوڪ کان احتجاجي مارچ ڪري نيشنل پريس ڪلب ٺٽو آڏو ڌرڻو ھنيو استادن جي احتجاج ۾ ”وفاق ڪر واضع اعلان ڪئنال کپن يا پاڪستان سنڌو تي ڌاڙو نامنظور درياءُ تي ڌاڙو نامنظور“ جا سخت نعرا ھنيا ويا گسٽا ٺٽي جي ضلعي صدر غلام نبي خشڪ عبدالڪبير خاصخيلي خان محمد هيلايو پ ٽ الف ٺٽي جي ضلعي صدر شريف تنيو غلام مصطفي بروهي آپڪا جي مرڪزي اڳواڻ احمد نواز پٺاڻ لوئر اسٽاف ايسوسيشن جي ضلعي صدر منير بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊي سي چوڪ مڪلي وٽان احتجاجي مارچ شروع ٿيو ته ان ۾ وڏي انگ ۾ استاد ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جا ڪارڪن شامل ٿي ويا احتجاجي مارچ ۽ مظاهرو ” وفاق تو سان جهيڙو آ پاڻي خاطر جهيڙو آ ڪئنال سمورا نامنظور “ جي نعرن سان گونجي اٿيو احتجاجي مارچ ۽ مظاهري ۾ استادن ڪلرڪن لوئر اسٽاف جي ملازمن کان علاوه ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيشن ٺٽي جي
صدر ايڊوڪيٽ اعجاز شاھ عوامي تحريڪ ٺٽي جي ضلع صدر رزاق چانڊيو سگا جي اڳواڻ عبالحڪيم ميمڻ شهري اتحاد جي صدر جاويد غني ميمڻ جي اڳواڻي ۾ سياسي سماجي ڪارڪن شهري وڪيل به شامل ٿي ويا استاد اڳواڻن مطالبو ڪندي چيو ته سنڌو درياءُ تي ڌاڙو هڻي اسانجو پاڻي چورايو پيو وڃي سنڌو دريا تي ڪئنال اڏي سنڌ کي ويران ۽ ڀڙڀانگ ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي اهڙيون سازشون ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آھن سنڌ جو ٻچو ٻچو استاد شاگرد ۽ ھر شھري سراپا احتجاج بڻيل آھي فوري طور تي ڪئنالن جو منصوبو ختم ڪري ڊيلٽا جي ڇوڙ تائين پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي


