
لاھور: اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسيءَ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته هي گهٽتائي حڪومتي ڪارڪردگي جو نتيجو ناهي، بلڪ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ گهٽجڻ جي ڪري ممڪن ٿي آهي. انهن چيو ته حڪومت کي گهرجي ته توانائي جي مسئلي جو پائيدار حل پيش ڪري، عوام کي عارضي ريليف ڏيڻ بدران اصل مسئلي تي ڌيان ڏجي.
ٻئي پاسي، وزيراعظم شهباز شريف جي بجلي ارزاڻي ڪرڻ جي اعلان تي تحريڪ انصاف تنقيد ڪندي چيو آهي ته “جڏهن عمران خان جي دور ۾ بجلي 15 رپيا في يونٽ هئي، ته موجوده حاڪمن مهانگائي خلاف مارچ ڪري رهيا هئا، پر اختيار ۾ ايندي ئي بجلي جي قيمتون 50 رپيا تائين پهچائي ڇڏيون. هاڻي 7 رپيا گهٽجي جشن مڃايو پيو وڃي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ جي مطابق پٽرول جي قيمت 100 رپيا في ليٽر کان به گهٽ هجڻ گهرجي.”
خيبر پختونخوا جي مشير اطلاعات پڻ حڪومتي قدمن کي “ڪوڙو ريليف” قرار ڏيندي چيو آهي ته “قوم کي 15 رپيا في يونٽ بجلي ڏيندڙ اڳواڻ کي جيل ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جڏهن ته مهانگائي وڌائيندڙ عيش ۾ آهن. عوام کي حقيقي ريليف ڏنو وڃي، نه ته ڏيکاءَ جا قدم.”


