سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته بجلي جي مسلسل وڌندڙ بلن عوام ۾ پريشاني پيدا ڪري ڇڏي آهي ۽ ماڻهو اهي بل ادا ڪرڻ جي سگهه نٿا رکن

ڪراچي (29 جولاءِ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته بجلي جي مسلسل وڌندڙ بلن عوام ۾ پريشاني پيدا ڪري ڇڏي آهي ۽ ماڻهو اهي بل ادا ڪرڻ جي سگهه نٿا رکن تنهنڪري حڪومت جي اها ذميواري آهي ته هو عوام کي ان کان ڇوٽڪارو ڏياري. توانائي جو شعبو وفاقي حڪومت جي دائري ۾ اچي ٿو جيڪو ٽيرف مقرر ڪري ٿو، چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت آهي ته اسان صوبائي حڪومت جي حيثيت سان غريب عوام کي سولر پينل يا گهٽ ۾ گهٽ 100 يونٽ مفت فراهم ڪنداسين. هن اها ڳالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ آف گرڊ ۽ آن گرڊ گهٽ آمدني وارن خاندانن کي سولرائزيشن لاءِ موثر تجويزون تيار ڪرڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ توانائي وارو وزير سيد ناصر شاهه، زراعت وارو صوبائي وزير محمد بخش خان مهر، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، توانائي وارو سيڪريٽري مصدق خان، سنڌ جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. صوبائي توانائي واري وزير ناصر شاهه وڏي وزير کي بينظير سولر پروگرام بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته سروي موجب 1976500 خاندان آهن جن جي آمدني گهٽ آهي ۽ اهي هر مهيني 100 يونٽ بجلي استعمال ڪن ٿا جن مان 1054000 ڪي اليڪٽرڪ، 566427 حيسڪو ۽ 356073 گهرن جو تعلق سيپڪو سان آهي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ 26 لک گهر آهن جيڪي گرڊ اسٽيشن کان پري آهن. وڏي وزير چيو ته 500,000 گهرن (آف گرڊ) کي 100والٽ جي گنجائش وارو سولر هوم سسٽم (SHS) فراهم ڪيو ويندو، جنهن ۾ ٽي ايل اي ڊي بلب، 35 WDC فين ۽ 6 ڪلاڪ بيٽري بيڪ اپ ۽ موبائل چارجنگ پينل فراهم ڪيا ويندا . هڪ سوال جي جواب ۾ ناصر شاهه وڏي وزير کي ٻڌايو ته جيڪڏهن وڏي پئماني تي خريداري ڪئي وئي ته في ايس ايم ايس جي قيمت 55 هزار رپيا ٿي ويندي. توانائي واري وزير ناصر شاهه وڏي وزير کي مائيڪرو گرڊز بابت تجويز پڻ پيش ڪئي. هن چيو ته 6 مائيڪرو گرڊز، جن مان هر هڪ 75 ڪلوواٽ آهي، 100 گهرن جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهن ٿا ۽ ڊويزنل سطح تي قائم ڪري سگهجن ٿا جيڪي هر مهيني 100 واٽ يونٽ فراهم ڪندا. توانائي واري وزير چيو ته هر گرڊ تي لڳ ڀڳ 30 ملين رپيا لاڳت ايندي. وڏي وزير توانائي واري وزير کي هدايت ڪئي ته گرڊ اسٽيشنن جي فزيبلٽي اسٽڊي ڪرائي وڃي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته سکر ۾ گرڊ اسٽيشن لاءِ 300 ايڪڙ، حيدرآباد ۾ 230 ايڪڙ ۽ ڪي اليڪٽرڪ لاءِ 270 ايڪڙ زمين جي ضرورت آهي. توانائي واري وزير 350 ميگاواٽ جي ڪل گنجائش سان ٽن سولر پارڪن جي قيام جي به تجويز ڏني. اهي سولر پارڪ پي پي پي موڊ تحت قائم ڪري سگهجن ٿا.
عبدالرشيد چنا

اپنا تبصرہ بھیجیں