سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي 18هين سنڊيڪيٽ جو اجلاس- اهم تعليمي، انتظامي ۽ مالياتي فيصلن جي منظوري، يونيورسٽي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو چئن نون فيڪلٽيز جي منظوري، ڊينز، تعليمي شعبن جي سربراهن ۽ ڊائريڪٽرز جي مقرري وارن فيصلن جي منظوري، اجلاس ۾ نئين ڀرتي ٿيل وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر احمد آصف شيخ جي ڪاوشن جي ساراهه

پريس رليز

سکر آءِ بي اي يونيورسٽي (17 ڊسمبر 2023) سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي 18هين سينڊيڪيٽ جو اجلاس يونيورسٽي جي نئين وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر آصف احمد شيخ جي صدارت هيٺ يونيورسٽي جي مين بورڊ روم ۾ 8، 9 ۽ 16 ڊسمبر تي ٿي گذريو، ٽن ڏينهن تائين جاري رهندڙ اجلاس ۾ سکر آءِ بي اي يونيورسٽي بابت اهم فيصلن جي منظوري ڏني وئي. سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي سينڊيڪيٽ اجلاس ۾ تعليمي، انتظامي ۽ مالياتي معاملن بابت اهم فيصلا ڪيا ويا، جڏهن ته ترقياتي معاملن بابت فيصلن ڪرڻ لاءِ جنوري جي مهيني ۾ اسپيشل سينڊيڪيٽ اجلاس گهرائڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي. سينڊيڪيٽ اجلاس ۾ نئين وائيس چانسلر پنهنجي 9 مهينن جي ڪارڪدرگي رپورٽ پيش ڪئي ۽ پنهنجي مقرري وقت اداري جي مالي صورتحال جو به تفصيلي جائزو پيش ڪيو.


سينڊيڪيٽ اجلاس ۾ يونيورسٽي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو چار نون فيڪلٽيز جي جوڙڻ جي منظوري ڏني وئي، جن ۾ فيڪلٽي آف مئنيجمينٽ سائنسز، فيڪلٽي آف ايجوڪيشن، فيڪلٽي آف انفارميشن اينڊ ٽيڪنالاجي، ۽ فيڪلٽي آف انجنيئرنگ شامل آهن، ان کانسواءِ يونيورسٽي ۾ نون جوڙيل فيڪلٽيز لاءِ ڊينز جي مقرري سان گڏ مختلف تعليمي ۽ انتظامي شعبن جي سربراهن ۽ ڊائريڪٽرن جي مقرري جي منظوري پڻ ڏني وئي. سينڊيڪيٽ جي اهم اجلاس ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي مختلف پاليسين سميت 2023-24 جي امتحانن ۽ داخلا جي ضابطن جي توثيق پڻ ڪئي وئي. اجلاس ۾ فيڪلٽي جي ورڪ لوڊ پاليسي جي منظوري ۽ يونيورسٽي جي سالياني رپورٽن سميت هفتي ۾ پنج ورڪنگ ڊيز تي عملدرآمد جي منظوري پڻ قابل ذڪر فيصلا آهن. ان کان سواءِ، سنڊيڪيٽ ٽئين پارٽي پاران ڪيل 2020-21 جي آڊٽ رپورٽن، گڏوگڏ 24-2023 جي بجيٽ ۽ 23-2022 جي نظرثاني ٿيل تخميني واري بجيٽ جون سفارشون پڻ پيش ڪيون. اجلاس ۾ يونيورسٽي ۾ فيڪلٽي ليول تي صنعتي بورڊن جي قيام جي منظوري پڻ ڏني وئي، جنهن جو مقصد اڪيڊميا ۽ صنعت وچ ۾ رابطن کي هٿي وٺرائڻ ۽ صنعتي ضرورتن موجب نصاب جي تياري شامل آهن. سينڊيڪيٽ جي اجلاس ۾ ايڪسٽرنل ميمبرن شهناز وزير علي، فضل الله قريشي، پرنس حسن علي خان، ڊاڪٽر نيلوفر شيخ، نور احمد سمون، ايڇ اي سي جي نمائندي سيد نويد حسين شاهه، پروفيسر ڀاواني شنڪر چوڌري، ڊاڪٽرغلام رضا ڀٽي، مفتي نذير احمد مهر، پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سيد مير محمد شاه ۽ رجسٽرار سميت يونيورسٽي جي ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ميمبرن نئين مقرر ٿيل وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر آصف احمد شيخ جي گهٽ وقت ۾ ڪيل ڪاوشن کي ساراهيو۽ اميد ظاهر ڪئي ته سينڊيڪيٽ ۾ ورتل فيصلن سان سکر آءِ بي اي يونيورسٽي ايندڙ وقت ۾ هڪ وڌيڪ مضبوط، مستحڪم ۽ بهترين تعليمي ادارو ثابت ٿيندو.

سکر
17 ڊسمبر 2023
============================

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں