پاڪستان پيپلز پارٽي جي يومِ تاسيس جي موقعي تي پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن تحت 30 نومبر تي ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ شاندار جلسو عام منعقد ڪندي،

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي يومِ تاسيس جي موقعي تي پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن تحت 30 نومبر تي ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ شاندار جلسو عام منعقد ڪندي، جنهن ذريعي جمهوري عزم جو اعادو ڪيو ويندو. گذريل ڏينهن پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو، جيڪو صدر پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن سعيد غني جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ يومِ تاسيس جي تيارين کي حتمي شڪل ڏني وئي. اجلاس ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ۽ سينيٽر سيد وقار مهدي، جنرل سيڪريٽري ڪراچي ڊويزن رؤف ناگوري، انفارميشن سيڪريٽري ڪراچي ڊاڪٽر شرميلا فاروقي، صدر ليڊيز ونگ ڪراچي ڊويزن ڊاڪٽر شاهده رحماني سميت ضلعن جا صدر، جنرل سيڪريٽريز ۽ ذيلي تنظيمون جي عهديدارن پڻ موجود هئا. اجلاس جو ماحول اتحاد، وابستگي ۽ پارٽي جي جدوجهد سان گہري جذباتي نسبت جو عڪس پيش ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ ڪارڪنن جي عظيم قربانين کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته انهن قربانين ملڪ ۾ جمهوري حقن جي بحالي، آئيني حقن جي تحفظ ۽ عوام جي وقار کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان وٺي شهيد محترمه بينظير ڀٽو تائين، پيپلز پارٽي جي تاريخ ثابت قدمي، همت ۽ عوامي خدمت جي بي مثال جذبن سان ڀرپور آهي. اجلاس ۾ اهو عزم پڻ ڪيو ويو ته پاڪستان پيپلز پارٽي صرف هڪ سياسي جماعت ناهي، پر عوامي خدمت ۽ جمهوري جدوجهد جي هڪ تاريخي تحريڪ آهي، جيڪا انصاف، شموليت ۽ عوامي فلاح جي اصولن تي قائم آهي. اجلاس ۾ گڏيل فيصلي طور تي اهو طئي ڪيو ويو ته هن سال يومِ تاسيس کي شاندار ۽ جوش و خروش سان ملهايو ويندو ۽ ماضي جي شانِ جدوجهد کي خراجِ تحسين پيش ڪندي مستقبل لاءِ پارٽي جو عزم وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو. اجلاس ۾ متفقه طور تي اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته ڪراچي ۾ هڪ شاندار جلسو عام منعقد ڪيو ويندو، جنهن ۾ عوام جي ڀرپور شموليت کي يقيني بڻايو ويندو ته جيئن پيپلز پارٽي جي نظريي، جدوجهد ۽ تاريخي ڪردار کي شايانِ شان طريقي سان پيش ڪيو وڃي. جلسو 30 نومبر تي ڪورنگي ساڍي ٽي نمبر تي عيدگاه گرائونڊ ۾ منعقد ٿيندو، جنهن ۾ پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ويڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندو. هن موقعي تي فيصلو ڪيو ويو ته شهر ۾ يومِ تاسيس کي انتهائي جوش و خروش سان ملهايو ويندو، شهر جي مختلف هنڌن تي بينرز ۽ پينا فليڪس لڳايا ويندا، جڏهن ته ضلعي سطح تي سڀني ضلعن ۾ 29 نومبر تي ريليون پڻ ڪڍڻ جا انتظام ڪيا ويندا

اپنا تبصرہ بھیجیں