ٺٽو ڊائري

رپورٽ علي گوهر قمبراڻي

ٺٽو:ٺٽي جي مشھور درگاھ حضرت عبداللّٰه شاھہ اصحابي جي سالياني عرس جون 3 روزه تقريبون سڀاڻي کان شروع ٿينديون ڊي سي ٺٽو ۽ ڊسٽرڪٽ سيشن جج ٺٽو پاران درگاھ حضرت عبداللّٰه شاھ اصحابي جي عرس جي موقعي تي 14 فيبروري جمعي ڏينهن عام موڪل جا نوٽيفڪيشنز جاري، مڪلي جي تاريخي قبرستان تي قائم مشھور درگاھ حضرت عبداللّٰه شاھ اصحابي جي 386هين سالياني عرس جون تقريبون سڀاڻي شروع ٿينديون عرس جي تقريبن جو افتتاح صوبائي وزير اوقاف رياض شاھ شيرازي ڪندو درگاھ عبداللّٰه شاھ اصحابي جي ساليانه عرس جي موقعي تي ڊي سي ٺٽو منور عباس سومرو هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪندي ضلعي اندر 14 فيبروري تي جمعي واري ڏينهن عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي ٻئي طرف ڊسٽرڪٽ سيشن جج ٺٽو ميڊم مشتري خانم پڻ درگاھ عبداللّٰه شاھ اصحابي جي ساليانه عرس جي موقعي تي 14 فيبروري تي جمعي واري ڏينهن ضلعي جي سمورن عدالتن ۾ عام موڪل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آھي درگاھ عبداللّٰه شاھ اصحابي جي ساليانه عرس جي موقعي تي سڀاڻي کان پانڌيئڙن جي آمد جو سلسلو شروع ٿي ويندو


ٺٽو:ٺٽي ضلعي سميت يوسي جھمپير ۽ ڄنگھڙي جي برسات متاثرين جي گھرن جي ٿيل سروي بعد منطور ٿيل گھرن کي 2 سال کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود منظور ٿيل گھرن جي پيمنٽ برسات متاثرين کي ملي ناھي سگھي، جيڪي سخت پريشان آھن، جن پاران جلد منطور ٿيل گھرن جي پيمنٽ ڏيارڻ جي گھر ڪري ڇڏي آھي، ان سلسلي ۾ تعلقي ٺٽي جي ڪوھستاني يوسي جھمپير ۽ ڄنگھڙي جي ڪيترن ئي برسات متاثرين انور جاکرو، تراب علي جاکرو، اميربخش، ۽ ٻين ٺٽي ۾ صحافين اڳيان دانھيندي چيو آھي تہ 2022 ۾ پيل تيز طوفاني برساتن سبب سندن گھر ڊھي پٽ پئجي ويا ھئا، جن جي سنڌ حڪومت طرفان مختلف سماجي تنظيمن معرفت سروي ڪرائي ويئي، جيڪي گھر منظور ٿيڻ باوجود کين منطور ٿيل گھرن جي پيمنٽ ملي ناھي سگھي جو ھو پنھنجا گھر جوڙائي سگھن، ھنن چيو تہ يوسي جھمپير ۾ 12 سئو ۽ يوسي ڄنگھڙي ۾ ساڍا چار سئو کان مٿي گھر منظور ٿيا اھن، جن مان رڳو ڪجھ من پسند ماڻھن کي گھرن جي پيمنٽ جاري ڪئي ويئي اھي، باقي حقيقي برسات متاثرين کي پيمنٽ ملي ناھي سگھي جو ھو گھر جوڙائي سگھن، ھنن انڪشاف ڪندي چيو تہ ڪافي برساتن متاثرين ايجنٽن ھٿان بہ ڦرجي ويا اھن، جن پاران مختلف بئنڪن ۾ اڪائونٽ کولرائڻ باوجود کين گھرن جي منظور ٿيل رقم ملي ناھي سگھي، ھنن وزير اعلي سنڌ، ڊي سي ٺٽو سميت چونڊيل نمائندن کي اپيل ڪئي تہ ساڻن انصاف ڪري سندن منظور ٿيل گھرن جي پيمنٽ جاري ڪئي وڃي، جيئن ھو پنھنجا گھر جوڙائي پنھنجي ٻچن کي محفوظ ڪري سگھن.

ٺٽو:ٽائون ڪميٽي گھارو جي چيئرمين ڄام احسان جوکيو چيو آھي تہ ھن عوام سان جيڪي واعدا ڪيا ھئا، اھي پورا ڪري ڏيکاريا آھن، اڄ پڻ گھارو شھر جي حيدري محلي واسين کي سوئي گئس جھڙي سھوليت ميسر ڪرڻ لاء ان جي پائيپ لائين جو پڻ افتتاح ڪيو ويو اھي، جيئن ان ڪم کي جلد مڪمل ڪرائي عوام کي اھا سھوليت مھيا ڪريون، جنھن لاءِ ڪوشان آھيون، ھن اھي ڳالھيون گھارو شھر جي حيدري محلي ۾ سندس ڪوششن سان سوئي گئس سدرن گئس ڪمپني پاران گھارو شھر جي حيدري محلي ۾ ڏنل سوئي گئس پائيپ لائين جو افتتاح ڪندي ڪيو. ٽائون ڪميٽي گھارو جي چيئرمين ڄام احسان جوکيو چيو تہ ھو جڏھن کان ٽائون ڪميٽي گھارو جو چيئرمين چونڊيو آھي تڏھن کان وٺي گھارو واسين کي پيئڻ جي صاف پاڻي، بجلي، سوئي گئس سميت سموريون بنيادي سھولتون مھيا ڪري گھارو شھر کي صاف سٿرو رکي شھر جون گليون پڪيون ڪرايون ويون آھن، ھن چيو تہ گھارو شھر ۾ سندس ڪوششن سان بجلي جي اڻ اعلانيہ لوڊشيڊنگ پڻ ختم ڪرائي ويئي اھي، ھن چيو تہ ھن محلي ۾ سوئي گئس جي فراھمي سان شھرين کي ڪافي فائدو پھچندو، ٽائون ڪميٽي گھارو جي چيئرمين ڄام احسان جوکيو چيو تہ ھو پڻ پنھنجي وڏڙن جي نقش قدم تي ھلندي عوام جي بنا فرق جي خدمت ڪري ھر وقت سندن مسئلا حل ڪرڻ ۾ مصروف بڻيل اھي، ھن چيو تہ عوام جا سمورا مسئلا بنا فرق جي حل ڪيا ويندا، ان موقعي تي ڪائونسلر عبدالوحيد، گلزار جوکيو، سڪندر چانڊيو، شير زمان جوکيو، نظير خانيو، حسن ملاح، ذوالفقار خاصخيلي، ويرم ڪمار، سلطان ملاح سميت وڏي تعداد ۾ شھري پڻ موجود ھئا.

ٺٽو:جھمپير لڳ آٿا وليج جي رھواسي شاعر بلاول آٿو صحافين سان ڳالھائيندي الزام ھڻندي چيو آھي تہ مولدي مياڻ ۽ آٿا وليج ۾ ڪچي شراب ٺري جي موالين ڳوٺاڻن جو جيئڻ جنجال بنائي ڇڏيو اھي، جيڪي رات جي وقت ڳوٺاڻن تي حملا ڪري انھن جو سڪون برباد ڪري ڇڏيون آھن، شاعر بلاول آٿو چيو تہ ڪالھ پڻ سندن 6 ڪلاس جي شاگرد ظھير احمد آٿو تي موالي محبوب علي آٿو ۽ سندس ڀاء الھڏنو آٿو ان جو اسڪول کان گھر ايندي رستو روڪي کيس حراسان ڪيو اھي، جنھن ڪري اسڪولي شاگرد اسڪول تائين بہ پھچي نٿا سگھن. ھن چيو تہ اھڙي صورتحال سبب اسان سخت پريشان اھيون، جھمپير پوليس کي ڪافي ڀيرا دانھون ڏنيون اھن، پر پوليس منشيات فروشن توڙي موالين خلاف ڪا ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار ناھي، جنھن ڪري ڳوٺاڻا سخت خوف ۾ ورتل آھن. ھن گھر ڪئي تہ منشيات فروشن ۽ موالين خلاف سخت ڪاروائي ڪري کين موالين جي آزار مان نجات ڏياري کين سڪون واري زندگي گذارڻ جو موقعو فراھم ڪري اسڪولي شاگردن کي پڻ ان جي شر کان محفوظ رکي کين تحفظ مھيا ڪيو وڃي.

ٺٽو:ٺٽي ۾ انٽر ڊسٽرڪٽ ليگ ٽي-20 ڪلب ڪرڪيٽ چيمپيئن 2024-25 الهاشم ڪرڪيٽ ڪلب مڪلي ۽ مشتاق ميموريل ڪرڪيٽ ڪلب مڪلي جي وچ ۾ کيڏيو ويو. جنھن ۾ الهاشم ڪرڪيٽ ڪلب مڪلي ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 203 رنسون ٺاهيون، الهاشم ڪرڪيٽ ڪلب مڪلي جي بيٽسمينن ۾ ڪامران 69 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن ته محمد نعيم 48 ۽ عدنان شاهه ترتيب وار 39 رنسون ٺاهيون. بالنگ ۾ مشتاق ميموريل ڪرڪيٽ ڪلب مڪلي لاءِ اشرف خشڪ 2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته سيف الله ۽ حسنين هڪ هڪ وڪيٽ ورتي، جنھن جي جواب ۾ مشتاق ميموريل ڪرڪيٽ ڪلب مڪلي بيٽنگ ڪندي پوري ٽيم 100 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي. جن ۾ نمايان بيٽسمين عامر خان 21، شهزاد علي 14 ۽ محمد رضا 14 رنسون ٺاھيون، جتي الهاشم ڪرڪيٽ ڪلب مڪلي جي بالرن شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪيو. فاسٽ بالر عدنان شاهه 4 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته ٻين بالرن سيف علي ۽ ايوب ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون. اهڙي ريت الهاشم ڪرڪيٽ ڪلب مڪلي پنهنجو ٻيو ميچ مشتاق ميموريل خلاف 103 رنسن سان کٽي ھن ٽورنامينٽ جي ڪوارٽر فائنل ۾ پنهنجي داخلا کي يقيني بڻائي ورتو اھي، ميچ ۾ آل رائونڊ ڪارڪردگي تي الهاشم ڪرڪيٽ ڪلب مڪلي جي عدنان شاهه کي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

ٺٽو:ڪوھستان واسين جي گھڻين دانھن، ڪوڪن توڙي احتجاجن بعد ٺٽو وايا جھمپير روڊ ٺھيو، پر روڊ جهڙو ٺهيو تهڙو نه ٺھيو، جھمپير واسين سميت سمورا ڪوھستان واسي جھمپير لڳ نئي لوياڇ ڀرسان رھجي ويل روڊ جي ٿورري ٽڪري سبب عوام خاص طور گاڏين وارا سخت پريشان، پر انتظاميہ، چونڊيل نمائندن سميت روڊ جو ڪم ڪرائيندڙ ٺيڪيدار بہ ڪو نوٽيس نہ ورتو، ڪافي وقت سميت گذريل رات کان جھمپير ٺٽو روڊ لوياڇ نئين ريلوي پل ڀرسان روڊ جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ ڪري گزريل رات کان وٺي مٽي ۾ ڪيتريون ئي گاڏيون توڙي ڳرا ريتي دوئيندڙ ٽرالر ڦاٿل آھن، جيڪي گاڏين وارن پاران پنھنجي مدد پاڻ تحت ڳرين ڪرينن وسيلي گاڏين کي ٻاھر ڪڍڻ وارو سلسلو جاري ڪري ڇڏيو آھي، پر گاڏين جي ڦاسڻ سبب روڊ بند ٿيڻ ڪري ٻنھي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون آھن، جن گاڏين ۾ سوار ماڻھون، خاص طور عورتون ۽ ٻارڙا سخت پريشان ٿي رھيا آھن، جھمپير واسين صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري، سيد رياض حسين شاه شيرازي، ڊي سي ٺٽو ۽ ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي چيئرمين عبدالحميد پنهور کان مطالبو ڪيو آھي تہ فوري طور تي نوٽيس وٺي جھمپير ٺٽو روڊ لوياڇ نئين تي رهيل ڪم مڪمل ڪرائڻ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪري گاڏين وارن کي نقصان توڙي پريشاني کان بچائي جھمپير شھر جي باء پاس واري ٽڪري کي بہ مڪمل ڪرائي جھمپير شھر جي گٽرن جي گندي پاڻي واري نيڪال کي ڪينجھر ڍنڍ ۾ پوڻ کان بچايو وڃي.

اپنا تبصرہ بھیجیں