شيعان حيدر ڪرار ضلعي ٺٽي پاران پاراچنار ۾ دهشتگردي واقعي ۾ ڪيتريون ئي انساني جانيون ضايع ٿيڻ ۽ انهن جي رستا روڪ ڪري محصور ڪرڻ خلاف ٺٽي ۾ ھڪ احتجاجي مظاهرو


ٺٽو(علي گوهر قمبراڻي) شيعان حيدر ڪرار ضلعي ٺٽي پاران پاراچنار ۾ دهشتگردي واقعي ۾ ڪيتريون ئي انساني جانيون ضايع ٿيڻ ۽ انهن جي رستا روڪ ڪري محصور ڪرڻ خلاف ٺٽي ۾ ھڪ احتجاجي مظاهرو مولوي فدا حسين فردوسي، سيد طالب شاھ اميرخاني، ارشاد کتري، عبداللطيف کتري، نعيم قريشي جي اڳواڻي ۾ ڪري ٺٽي جي امام بارگاه شاھ نجف تي احتجاج ڪندي چيو تہ پاراچنار ۾ دهشتگردي جو بدترين واقعو رياستي ناڪامي جو چٽو ثبوت آھي، جنھن واقعي ۾ ملوث دهشتگردن اڃان تائين نہ گرفتار ٿي سگھيا ناھن ۽ نہ ئي کين ڪا سزا ملي سگھي آھي، ھنن گھر ڪئي تہ فورن دھشتگردن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پھچائڻ سان گڏ حڪومت پنهنجي رٽ بحال رکڻ لاء تحرڪ وٺي، ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

اپنا تبصرہ بھیجیں