
ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) عيدالفطر جي موقعي تي ايس ايس پي ٺٽو پوليس جي شهيد اهلڪارن جي گهر پهتو ۽ شهيدن جي وارثن کي تحفا ڏنا ۽ ٻارن ۾ عيد ورهائي، تفصيل موجب ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر محمد عمران خان ٺٽي ضلعي جي شهيد پوليس اهلڪارن جي گهرن جو دورو ڪيو ۽ شهيدن جي وارثن ۾ اجرڪ ۽ ٻارن ۾ عيد جا تحفا ورهايا ايس ايس پي ٺٽو لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو شهيد اهلڪارن جي گهرڀاتين سان




هر وقت رابطي ۾ رهن ۽ کين جيڪو به مسئلو درپيش هجي ان کي فوري طور تي حل ڪيو وڃي. ان موقعي تي ايس ايس پي ٺٽو چيو ته عيد الفطر جي موقعي تي ٺٽو پوليس شهيد اهلڪارن جي وارثن سان گڏ آهي، شهيد اهلڪار اسان جي ملڪ ۽ قوم جو سرمايو آهن، جن جي لازوال قربانين سبب امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي.


