سنڌ حڪومت ۽ برٽش ڪائونسل جي وچ ۾ 30 هزار استادن جي تربيت لاءِ مفاهمت واري يادداشت نامي تي صحيحون

ڪراچي، 26 جون: سنڌ جي اسڪول ايجوڪيشن ۽ خواندگي کاتي ۽ برٽش ڪائونسل پاڪستان جي وچ ۾ هڪ مفاهمت واري يادداشت نامي (Letter of Intent) تي صحيحون ڪيون ويون جنهن جو مقصد “EAST” (English as Subject for Teachers and Educators) پروگرام جي تحت پرائمري اسڪول ٽيچرن ۽ ارلي چائلڊ هوڊ ايجوڪيشن ڪيڊر جي 30,000 استادن کي انگريزي زبان کي مضمون طور پڙهائڻ جي تربيت فراهم ڪرڻ آهي، جنھن لاءِ پھرين مرحلي ۾ 1,000 استادن کي مينٽور طور تي تربيت ڏني ويندي، جڏهن ته هر مينٽور تي 30 استادن کي تربيت ڏيڻ ذميواري ھوندي. معاهدي تحت انگريزي سان گڏ اردو ۽ سنڌي مضمونن کي ڪلاسن ۾ ڪيئن پڙھائجي جي تربيت کي به ان مفاھمت جو حصو بنايو ويو آھي، اها تربيت ڊجيٽل طريقيڪار جي مدد سان آن لائن پليٽفارم ذريعي ڏني ويندي.
مفاهمت واري يادداشت نامي تي صحيحون ڪرڻ واري تقريب جي صدارت سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه ۽ برٽش ڪائونسل ڏکڻ ايشيا جي ريجنل ڊائريڪٽر هيلن سلويسٽر گڏيل طور تي ڪئي، جڏهن ته مفاهمتي يادداشت تي تعليم کاتي جي سيڪريٽري ۽ برٽش ڪائونسل پاڪستان جي ڪنٽري ڊائريڪٽر مسٽر جيمز هيمپسن صحيحون ڪيون.
ان موقعي تي سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت پاران 75 هزار کان وڌيڪ استادن جي ڀرتيءَ جو مرحلو مڪمل ٿيڻ وارو آهي، جنهن سان استادن جي کوٽ کي پورو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اسان جو ايندڙ مرحلو استادن جي پروفيشنل ڊولپمينٽ ۽ ڪئپيسٽي بلڊنگ سان سلھاڙيل آهي. صوبائي وزير تعليم وڌيڪ چيو ته اسان ٽيچرز ايڪسچينج پروگرام جهڙا قدم کڻي، استادن کي هڪ ٻئي جي تجربي مان سکڻ جا موقعا پڻ ڏيئي سگھون ٿا، ڇو ته اھو به ضروري آھي ته هڪ استاد جو مشاهدو وسيع هجڻ گهرجي.
تقريب ۾ ٻين شرڪت ڪندڙن ۾ هيڊ آف انگلش پروگرام محمد طلحہ چشتي، برٽش ڪائونسل جي اڪيڊمڪس مينيجر رابعہ ملڪ، آر ايس يو جي چيف پروگرام مينيجر ڊاڪٽر جنيد سمون، نصاب بابت چيف ايگزيڪيوٽو ايڊوائزر ڊاڪٽر فوزيه خان، STEDA جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سيد رسول بخش شاهه، ۽ پريم ساگر شامل هئا. هي شراڪتي صوبو سنڌ ۾ انگريزي سان گڏ اردو ۽ سنڌي کي بطور مضمون پڙهائڻ جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ استادن جي پيشورانه صلاحيتن ۾ واڌ آڻڻ لاءِ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل جديد قدمن ڏانهن هڪ اهم قدم آهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں