
ٺٽو ڊائري
رپورٽ علي گوهر قمبراڻي
ٺٽو:ڪشميرين سان اظھار يڪجهتي طور ضلعي انتظاميہ ٺٽو پاران ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون غلام دستگير شيخ ۽ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو فراز احمد عباسي جي اڳواڻي ۾ ڊي سي آفيس کان ڊي سي چوڪ مين نيشنل هاءِ وي تائين ھڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي تعليم، صحت، پوليس، روينيو، سوشل ويلفيئر، اطلاعات، لائيواسٽاڪ، آر ٽي اي، لوڪل گورنمينٽ، زڪوٰة عشر ۽ ٻين مختلف کاتن جي آفيسرن ۽ عملي، مختلف اسڪولن جي استادن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن، صحافين، سول سوسائٽي ۽ مختلف اين جي اوز جي نمائندن شرڪت ڪئي ۽ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار ۾ بينر، پمفليٽ ۽ پلي ڪارڊ کڻي سندن حق ۾ زبردست نعري بازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون غلام دستگير شيخ خطاب ڪندي چيو ته 77 سالن کان ڀارت طاقت جي زور تي ڪشميرين جي آزادي کي دٻائي رکيو آهي، اسان ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت ۽ سندن آزادي واري جدوجهد لاءِ آخري دم تائين مدد جاري رکنداسين ۽ انشاءَ الله ڪشمير بڻجندو پاڪستان. هن چيو ته گڏيل قومن ڪشميرين کي حق خوداراديت ڏيارڻ جو واعدو ڪيو هو هاڻي گڏيل قومن کي گھرجي تہ ھو ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏيارڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ريلي کي خطاب ڪندي ضلعي ايجوڪيشن آفيسر پرائمري نور سرائي، ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر خدا بخش بھراڻي، صدر چيمبر آف ڪامرس مير جھانگير مري، حميد مھراڻوي ۽ ٻين چيو ته ھن ڏينھن کي ملھائڻ جو مقصد پوري دُنيا کي ٻڌائڻ آھي تہ پاڪستان جي فوج ۽ عوام ڪشميرين جي جدجهد ۾ انھن سان شانہ بشانہ گڏ آھي. ھنن چيو تہ مودي سرڪار ڪشمرين جي جسمن تي تہ قبضو ڪري سگهي ٿي پر انھن جي دلين ۽ روح تي قبضو نٿو ڪري سگهي، مودي وٽ نه ته مندر محفوظ آهن ۽ نه ئي مسجدون، مودي جيڪو شرمناڪ ظلم ڪيو آهي ان جي کيس جيتري سزا ملي گهٽ آهي، ڀارت اسان جي صبر کي ڪمزوري نه سمجهي پاڪستان جو ٻچو ٻچو ڪشميرين سان گڏ آهي.



ٺٽو:عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جو اجلاس ضلعي صدر رزاق چانڊيو جي صدارت هيٺ لاشاري هائوس مڪلي ۾ ٿيو، جنهن ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار ۽ مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو خصوصي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڇهه نون ڪئنالن خلاف 9 فيبروري تي مڪلي کان ٺٽي شهر تائين مارچ ڪيو ويندو، 16 فيبروري تي ڀث شاهه ۾ ٿيندڙ ملگير هاري ڪانفرنس ۾ ضلعي مان شرڪت جي رٿابندي ڪئي وئي. اجلاس کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ملڪ وڪڻڻ جو منصوبو آهي، ڇهه نوان ڪئنال سنڌين جي نسل ڪُشي آهن، ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي رد ڪرائڻ تائين احتجاجي تحريڪ زور شور سان جاري رهندي. زرعي ٽيڪس بل رد ڪندي هن چيو ته زرعي ٽيڪس بل زراعت تي حملو آهي، حڪومت زراعت کي هٿي وٺرائڻ بدران زراعت جو ٻيڙو ٻوڙي رهي آهي. وفاقي سرڪار ملڪ کي آئي ايم ايف جو غلام بڻائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي سمورن سنڌ دشمن منصوبن ۾ وفاق سان ڀاڱي ڀائيوار آهي، زرعي آمدني ٽيڪس بل، ڪارپوريٽ فارمنگ، پيڪا آرڊيننس ترمیمي ايڪٽ سميت سمورن عوام دشمن منصوبن ۾ پيپلز پارٽي شهباز سرڪار جو ساٿ ڏنو آهي، ڇهه نون ڪئنالن جي منظوري به صدر زرداري ڏني آهي، پيپلز پارٽي چور دروازي مان اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ کي وڪري جو وکر بڻائي ڇڏيو آهي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار چيو ته بلاول_شهباز اتحادي سرڪار ملڪ ۾ بدترين آمريت مڙهي آهي، ڊڪٽيٽرن جيان آمر شهباز سرڪار به سنڌو درياهه وڪرو ڪري رهي آهي، جنرل ايوب سنڌ جي حصي جون ٽي نديون هندستان کي وڪرو ڪري، سنڌ سان ظلم ڪيو، موجوده حڪومت به ساڳي آمراڻي پاليسي اختيار ڪري، سنڌو درياهه جو پاڻي غير ملڪي ڪمپنين کي وڪرو ڪرڻ لاءِ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي آهي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو چيو ته ڪينجهر، گورک، ڪارونجهر، ڪاڇي سميت سنڌ جو انچ انچ پيپلز پارٽي وڪرو ڪيو آهي، هن چيو ته سنڌ جو عوام پنهنجي تاريخي سياحتي ۽ ثقافتي ماڳن ۽ مڪانن جي حفاظت ڪندو، اتحادي سرڪار ڇهه نون ڪئنالن جو فيصلو فوري طور واپس وٺي. سنڌ جو عوام پنهنجي درياهه تي ڪو به ڪئنال يا ڊيم برداشت نه ڪندو. اجلاس ۾ شاھ محمد چانگ، مٺا خان لاشاري، درياهه خان زنور، گهنور زنور، بلاول لاشاري، الله بخش بلوچ ، مجاهد بلوچ، انور پالاري، انيل پليجو، غلام علي زنور، امان الله بروھي، احمد خشڪ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.


