دريائن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سڄي سنڌ جيان ٺٽي ويجھو سنڌو درياءُ جي آخري پل دولھ درياءُ خان تي مختلف سياسي سماجي علمي ۽ ساڃاھ وند ڌرين پاران سڄو ڏينھن احتجاجي مظاهرا ڪري سنڌو درياءُ جي پاڻي تي ڌاڙي ۽ ڇھن نون ڪئنال ڪڍڻ خلاف سخت احتجاج ڪيو ويو هر هنڌ ” سنڌو تي ڌاڙا نامنظور، ڪئنال سمورا نامنظور“ جا نعرا گونجندا رھيا.


ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي)
دريائن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سڄي سنڌ جيان ٺٽي ويجھو سنڌو درياءُ جي آخري پل دولھ درياءُ خان تي مختلف سياسي سماجي علمي ۽ ساڃاھ وند ڌرين پاران سڄو ڏينھن احتجاجي مظاهرا ڪري سنڌو درياءُ جي پاڻي تي ڌاڙي ۽ ڇھن نون ڪئنال ڪڍڻ خلاف سخت احتجاج ڪيو ويو هر هنڌ ” سنڌو تي ڌاڙا نامنظور، ڪئنال سمورا نامنظور“ جا نعرا گونجندا رھيا. عوامي پورهيت تحريڪ جي مرڪزي صدر جي اين کوسو ۽ جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر ماروي پليجو جي اڳواڻي ۾ مڪلي کان ريلي ڪڍي وئي جيڪا مڪلي کان پيادل مارچ ڪري دولھ دريا خان پل تي پھتي جتي درياءُ کي ڀيٽا ڏني وئي. عوامي تحريڪ، پاران مرڪزي نائب صدر نور احمد ڪاتيار، علي محمد پرويز، رزاق چانڊيو، قادر رانٽو جي اڳواڻي ۾ دولھ دريا خان پل تي ريلي ڪڍي وئي ۽ ڪئنالن، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ پاڻي کوٽ خلاف نعريبازي ڪئي وئي. ريلي ۾ سوين عورتن، ٻارن ۽ نوجوانن درياءُ کي گلن جي ڀيٽا پيش ڪئي. ريلي ۾ شامل مظاھرين دولھ دريا خان پل تي ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا جتي قومي گيتن تي ٽيبلو پيش ڪيا ويا. مظاھري کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ۽ ضلعي قيادت خطاب ڪندي چيو تہ سنڌوءَ جي پاڻي تي ڌاڙو ھنيو پيو وڃي سنڌ کي ڀڙڀانگ ڪرڻ جي سازش ٿي رھي آھي پر سنڌي ماڻھو پنھنجي درياءُ جي پاڻي جو ھڪ ڦڙو بہ ڪنھن کي چورائڻ نہ ڏيندا. سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران سيد جلال شاھ، ناٿو بروھي، حيدر شوري، راجو قريشي جي اڳواڻي ۾ مڪلي کان ريلي ڪڍي وئي دولھ دريا خان پل تي سخت احتجاج ڪيو ويو انھي موقعي تي درياءُ کي بچائڻ ۽ ڪئنالن خلاف جدوجھد جو عزم ورجايو ويو. ٺٽي بار ايسوسيئشن پاران اعجاز شاھ، صدام عباسي، عرفات قريشي جي اڳواڻي ۾ سيشن ڪورٽ ٺٽو کان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو وڪيلن ڪئنالن اڏڻ جي سخت مخالفت ڪندي چيو تہ ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بنيل آھي غير قانوني، غير اخلاقي فيصلي خلاف ھر ميدان تي پاڻ ملھائبو. تحريڪ انصاف پاران ٺٽي شھر ۾ ايڌي سينٽر کان رڪشا اسٽاپ تائين احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو انھي موقعي تي امجد شاھ، ھوشو عباسي ۽ ٻين چيو تہ ڪئنالن جو منصوبو ڪالاباغ ڊئم کان بہ وڌيڪ خطرناڪ آھي اھڙي منصوبي کي نٿا مڃون انھن چيو تہ پ پ ڪئنالن بابت منافقانہ ۽ ٻٽي پاليسي رکي ٿي کيس سنڌ جي ماڻھن سان گڏ بيھڻو پوندو ٻي صورت ۾ تاريخ جا مياري ٿيندا. قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ياسر جاکري جي اڳواڻي ۾ پڻ ريلي ڪڍي وئي ۽ سنڌو درياءُ کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. جڏھن تہ جي ڊي اي جي شاھنواز بروھي پاران پڻ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو فارما ايسوسئيشن سميت مختلف سماجي ڏرين پاران پڻ ڌار ڌار احتجاج ڪيا ويا وي ڪيئر ھال مڪلي ۾ نوري فائونڊيشن پاران مذاڪرو ۽ احتجاج ڪيو ويو جنھن کي ياسمين شاھ، معراج شاھ ۽ ٻين خطاب ڪندي ڪئنال رٿائن کي سنڌ دشمن، ماحول دشمن رٿا قرار ڏنو

اپنا تبصرہ بھیجیں