ڪجھ ڏينھن اڳ جنگشاھي لڳ ڳوٺ سبزعلي بروھي جي پورھيت احسان بروھي جي معصوم نياڻي حريفہ فاطمہ کي رورل ھيلٿ سينٽر جنگشاھي ۾ غلط حفاظتي ٽڪا لڳڻ ڪري معصوم نياڻي جي طبعيت خراب ٿي پئي ۽ کيس جسم تي ڪارا داغ ۽ ٽنگ ۾ زخم ٿيڻ ڪري کيس ٻيھر جنگشاھي رورل ھيلٿ سينٽر پھچايو ويو،

ٺٽو رپورٽ علي گوهر قمبراڻي
ڪجھ ڏينھن اڳ جنگشاھي لڳ ڳوٺ سبزعلي بروھي جي پورھيت احسان بروھي جي معصوم نياڻي حريفہ فاطمہ کي رورل ھيلٿ سينٽر جنگشاھي ۾ غلط حفاظتي ٽڪا لڳڻ ڪري معصوم نياڻي جي طبعيت خراب ٿي پئي ۽ کيس جسم تي ڪارا داغ ۽ ٽنگ ۾ زخم ٿيڻ ڪري کيس ٻيھر جنگشاھي رورل ھيلٿ سينٽر پھچايو ويو، جتان ايس ايم ايس ڊاڪٽر تاج پليجو مڪلي سول اسپتال ريفر ڪيو ھو. جتان مڪلي اسپتال جي ڊاڪٽرن معصوم نياڻي کي ڪراچي جناح اسپتال جي چائلڊ وارڊ ۾ داخل ڪرايو، جتي معصوم نياڻي زندگي ۽ موت جي چوواٽي تي زندگي سان جنگ ڪندي نيٺ زندگي جو ڏيئو اجھائي ڇڏيو، سندس لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو، پر اڃان تائين معصوم نياڻي جي وارثن سان نہ انصاف ٿي سگھيو آھي ۽ نہ ئي عفلت جو مظاھرو ڪندڙ صحت کاتي جي عملي خلاف ڪا ڪاروائي ٿي سگھي اھي، فوتي نياڻي جي وارثن وس وارن کان انصاف ڪري ٿيل غفلت ڪندڙ عملي خلاف ڪاروائي جي گھر ڪئي اھي.

اپنا تبصرہ بھیجیں