شهيد بينظير ڀٽو ايليٽ ٽريننگ سينٽر رزاق آباد ۾ ايس ايس يو ڪمانڊوز جي ٻئين بيچ جي پاسنگ آئوٽ۔۔۔۔۔۔

ڪراچي 8 ڊسمبر 2023 .

شهيد بينظير ڀٽو ايليٽ ٽريننگ سينٽر رزاق آباد ۾ ايس ايس يو ڪمانڊوز جي ٻئين بيچ جي پاسنگ آئوٽ جي حوالي سان پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ آئي جي سنڌ رفعت مختار راجه خاص مهمان جي طور تي شرڪت ڪئي .آئي جي سنڌ پريڊ جو معائنو ڪيو ۽ پاس آئوٽ ٿيندڙ 287 مردن ۽ 04 عورت ڪمانڊوز کي سمورا مرحلا ڪاميابي سان پورا ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ پنهنجي توڙي سنڌ پوليس جي طرفان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ، هن امن امان ۽ ايمرجنسي سان منهن ڏيڻ جي تناظر ۾ پوليس ٽرينرن پاران ڪمانڊوز کي ڏنل تربيت کي تعرف جوڳو قرار ڏيندي چيو ته ڪنهن به فيلڊ ۾ محنت ڪڏهن به رائگان ناهي ويندي ، محنت اوهان جي حوصلن کي بلند ڪندي آهي جڏهن ته صداقت ۽ جانبازي اوهان کي پنهنجي اداري ۾ شهرت ۽ نيڪ نامي ڏياري ٿي .

آئي جي سنڌ جو چوڻ هو ته رزاق آباد ٽريننگ سينٽر جو شمار ملڪ جي بهترين تربيتي مرڪزن ۾ ٿئي ٿو ، دهشتگرديءَ جي خاتمي ، ڏوهن جي خلاف جنگ يا هنگامي صورتحال ۽ امن امان جي حالتن تي ضابطي جي حوالي سان ملندڙ بهترين ۽ اعليى تربيت ۾ هي سينٽر هڪ اعزاز رکي ٿو . پاسنگ آئوٽ تقريب کي ڪمانڊنٽ ٽريننگ سينٽر به خطاب ڪيو ۽ تربيتي سينٽر جي تفصيلي ڪارڪردگي پيش ڪندي گهربل وسيلن جو به ذڪر ڪيو جنهن تي کيس عملي قدمن تي مشتمل جامع سفارشون ترتين ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي.

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں