
ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي)ٺٽي ويجهو ڳوٺاڻي آبادي ويجهو قائم ٽن ڪريش پلانٽن جي دز ۽ ڌماڪن ڳوٺاڻن جي زندگي اجيرن بڻائي ڇڏي ڳوٺن جي ڪيترن ئي گهرن ۾ ڌماڪن سبب ڏار پوڻ لڳا تفصيل موجب ٺٽي ويجهو جابلو ٽَڪري تي ڳوٺ حاجي رمضان هيجب ۽ ڳوٺ عثمان جاکرو جي لڳو لڳ بااثر ڌرين پاران 3 وڏا قائم ڪيل ڪريش پلانٽ مقامي آبادي لاء خطري جو سبب بڻجي ويا ٽنهي ڪريش پلانٽن ۽ اُتي قائم هڪ ڏامر پلانٽ جي دونهين دز سبب علائقي جي آبادي سخت متاثر ٿيڻ لڳي معصوم ٻارڙا عورتون توڙي ڳوٺاڻا ٽي بي ۽ چمڙي سميت اکين جي بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ لڳا ڪريش پلانٽن لاء پٿر ڪڍڻ خاطر ڪيميائي مادي ذريعي ڌماڪن سبب علائقي ۾ خوف حراس واري صورتحال سان گڏوگڏ ڌماڪن جي نتيجن ۾ مذڪوره ٻنهي ڳوٺن سميت آس پاس جي ڪيترن ئي ڳوٺن جي گهرن جي ديوارن ۽ ڇتين ۾ ڏار پوڻ لڳا گهر سخت متاثر ٿيڻ لڳا مقامي ڳوٺاڻن جي مسلسل شڪايتن ۽ احتجاجن باوجود ماحوليات کاتي سميت حڪومتي اختيارين نوٽيس نه ورتو مقامي آبادي تيزي سان متاثر ٿيڻ لڳي متاثر ڳوٺاڻن مطالبو ڪندي چيو آھي تہ شڪايتن باوجود ڪريش پلانٽن جي انتظاميه خلاف ڪاروائي نٿي ٿئي بااثر مالڪ ماحوليات کاتي جي قانوني لتاڙ ڪندي ڳوٺاڻي آبادي جي ڀرسان ڪريش پلانٽ قائم ڪري اسانجي زندگي زهر بڻائي ڇڏي آھي فوري نوٽيس وٺي وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي


