جيڪڏهن پي ٽي آءِ اسٽيبلشمينٽ کان ڪجهه وٺڻ نٿي چاهي ته پوءِ انهن جو دروازو ڇو کڙڪائي رهي آهي؟ عرفان صديقي


جيڪڏهن پي ٽي آءِ اسٽيبلشمينٽ کان ڪجهه وٺڻ نٿي چاهي ته پوءِ انهن جو دروازو ڇو کڙڪائي رهي آهي؟ عرفان صديقي

پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته پي ٽي آءِ اسٽيبلشمينٽ کان ڪجهه وٺڻ نه ٿي چاهي ته ان جو دروازو ڇو کڙڪائي رهي آهي؟

پارليامينٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عرفان صديقي چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ چون ٿا ته هنن جا اسٽيبلشمينٽ سان لاڳاپا آهن.

عرفان صديقي وڌيڪ چيو ته کيس سمجهه ۾ نٿو اچي ته جڏهن چوندا آهن ته ڊيل نه ڪندا، اين آر او نه وٺندا ته پوءِ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟

اپنا تبصرہ بھیجیں