ٺٽي جي ڪوھستاني جابلو پٽي جا روڊ، رستا تعمير نہ ٿيڻ ڪري ڪوھستان واسين کي اچ وڃ ۾ سخت مشڪلاتون پيش اچڻ لڳيون آھن،


ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ٺٽي جي ڪوھستاني جابلو پٽي جا روڊ، رستا تعمير نہ ٿيڻ ڪري ڪوھستان واسين کي اچ وڃ ۾ سخت مشڪلاتون پيش اچڻ لڳيون آھن، بيماري جي حالتن ۾ مريض وقت سر اسپتالن تائين بہ پھچي نٿا سگھن، تہ ٻئي طرف يوسي ڪوھستان ست ڀاڱي چار جي ڀاڏ مڪان لڳ پراڻي ڪي فور منصوبي وٽان جنگشاھي کان ڪاري جبل، مالماڙي، سپر ھائي وي کان نوري آباد ڏانھن ايندڙ ۽ ويندڙ رستا بہ خستہ حالي جو شڪار بڻجڻ سان گڏ امڪاني نقصان جو پڻ خطرو برقرار ھو، جنھن کي مدنظر رکندي پ پ پ ايم پي اي ميرپور ساڪرو ڄام اويس گھرام جي خاص ھدايتن تي اڳوڻي يوسي ناظم بشير جوکيو ۽ سماجي اڳواڻ بخت علي جوکيو، يوسي چيئرمين بابو غلام مصطفي جوکيو پاران ڳرين مشينن ۽ وزني ڊمپرن ذريعي ڪي فور منصوبي جي بند جي ڪٽائي ڪرائي ڪارو جبل، مالماڙي، نوري آباد ۽ ٻين ڪوھستان علائقن جي مقامي رھواسين کي پنھنجي ڳوٺن تائين پھچڻ لاء رستو بحال ڪرائي ڏنو آھي، جنھن تي يوسي جنگشاھي، يوسي ڪوھستان ست ڀاڱي چار جي ماڻھن ۾ خوشي جي لھر ڇائينجي ويئي آھي، جن ايم پي اي ڄام اويس گھرام ۽ سندس ٽيم جي ميمبر بشير احمد جوکيو، بخت علي جوکيو، بابو غلام مصطفي جوکيو جو ٿورو مڃيندي چيو آھي تہ ڄام اويس گھرام جي ڪوششن سان سندن روڊ جو اھم مسئلو حل ٿيو آھي، ھاڻي ھو پنھنجي علائقن تائين وقت سر پھچي سگھندا، ٻئي طرف صحافين سان ڳالھائيندي اڳوڻي يوسي ناظم بشير احمد جوکيو چيو تہ ھن کان اڳ ۾ بہ پ پ پ ايم پي اي ڄام اويس گھرام پنھنجي تڪ سميت ڪوھستاني پٽي ۾ کوڙ سارا ترقياتي ڪم ڪرايا آھن، جيڪو ھڪ مثال آھي. ھن چيو تہ ھن روڊ جي بحالي سان ڪوھستان واسين کي شھرن تائين پھچڻ ۾ ڪابہ دشواري پيش نہ ايندي.
==================

اپنا تبصرہ بھیجیں