سنڌو درياء تي وفاقي حڪومت پاران زبردستي 6 ڪئنالن جي اڏاوت ڪرڻ خلاف مڪلي تي قائم تعليمي اداراي جا استاد ۽ شاگرد به سراپا احتجاج بڻجي ويا.

ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) سنڌو درياء تي وفاقي حڪومت پاران زبردستي 6 ڪئنالن جي اڏاوت ڪرڻ خلاف مڪلي تي قائم تعليمي اداراي جا استاد ۽ شاگرد به سراپا احتجاج بڻجي ويا. ان سلسلي ۾ مڪلي تي قائم ايس آر او ۽ سيف جي تعاون سان هلندڙ (AALTP) ناريجا وليج مڪلي نان فارمل اسڪول جي سوين شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران سنڌو درياء تي زبرستي اڏجندڙ 6 ڪئنالن خلاف ھڪ ريلي مڪلي تي ڪڍي ڪئنالن کي رد ڪندي چيو تہ سنڌو درياء سنڌ جي ملڪيت ۽ جيئڻ جو واحد وسيلو آھي، جنھن تي ڪوبہ ڪئنال برداشت ڪونہ ڪنداسين، ھنن گھر ڪئي تہ سنڌو درياء تي اڏجندڙ سمورن ڪئنالن کي ختم ڪري سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي مھيا ڪري سنڌ کي برباد ٿيڻ کان بچايو وڃي.

اپنا تبصرہ بھیجیں