
رپورٹ محمد عاشق پٹھان اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو راجا خان قريشي جي اڳواڻيءَ ۾ پرائيس اينڊ ڪنٽرول سميت اينٽي انڪروچمنٽ جي عملي شهر جي نشتر روڊ، بندر روڊ، مڇي مارڪيٽ، ريشم گلي ۽ ٻين علائقي ۾ رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ واڌو اگهه وٺندڙ دڪاندارن ۽ حددخلين خلاف ڪارروائي ڪري روڊن جي ٻنهي پاسي رکيل سامان کڻي ضبط ڪري ڇڏيو ۽ دڪاندارن کي هدايتون جاري ڪيون ويون. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر راجا خان قريشي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهر


۾ حددخلين خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي جنهن مختلف ڪاروباري مرڪز ريشم گلي، مڇي مارڪيٽ، نشتر روڊ، بندر روڊ سميت ٻين علائقن حددخلين هٽائي روڊن ڪليئر ڪيا ويا آهن. هن چيو ته رمضان جي ڀلاري مهيني ۾واڌو اگهه وٺڻ جون شڪايتون موصول ٿيڻ دڪاندارن ۽ واپارين کي عام واهپي جي شين جا اگهه ريٽ لسٽ مطابق وٺڻ جون سختي سان هدايتون ڏنيون ويون آهن عمل نه ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.


