سنڌ سرڪار پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ موڊ تي ڪم ڪري رھي آھي، اسان سيڙپڪارن کي بھ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت ھر قسم جي سھولت ڏيڻ لاءِ تيار آھيون.

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ حڪومت پاڪستان ۽ سنڌ سرڪار سدائين غير ملڪي سيڙپڪارن کي خوش آمديد چون ٿا، سنڌ سرڪار پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ موڊ تي ڪم ڪري رھي آھي، اسان سيڙپڪارن کي بھ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت ھر قسم جي سھولت ڏيڻ لاءِ تيار آھيون. اهڙي ڳالهين جو اظهار صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ سنڌ سيڙپڪاري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو آهي .ڪانفرنس ۾ توانائي ،منصوبه بندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه ۽ وڏي وزير جي سيڙپڪاري ۽ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ بابت خاص مددگار سيد قاسم نويد قمر سميت واپارين ۽ چائناجي وفد شرڪت ڪئي .سنڌ سنڌ سڌسماواري ، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ چيني سيڙپڪارڪراچي سميت دهابيجي ۾ ميڊيڪل سٽي ۽ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاھين ٿا، صدر آصف علي زرداري سنڌ حڪومت پاران چيني سيڙپڪارن کي مدد ڏيڻ جي آڇ ڪئي آھي. ھن چيو تھ سنڌغير ملڪي سيڙپڪاري لاءِ سڀني کي موزون خطو آھي، اسان ٻھ سئو ورھين تائين ٿر جي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪري سگھون ٿا، گرين انرجي جي حوالي سان بھ ھتي تمام گھڻيون ڪمنيون ڪم ڪري رھيون آھن. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ڪارپوريٽ فارمنگ سان بھ ھارين کي تمام گھڻو فارمنگ ٿيندو، ھارين کي جديد ٽيڪنالوجي ذريعي محدود پاڻي سان گھڻي کان گھڻي پيداوار حاصل ٿيندي. ھن چيو تھ چيني ٽيڪنالوجي ۽ اسان جي ملڪ ۾ موجود موقعا گڏجي ترقي جا وڌيڪ موقعا پيدا ڪندا، سنڌ سرڪار چيني سيڙپڪارن کي تحفظ فراھم ڪندي، آئون چاھيان ٿو تھ اھڙا موقعا ملندا رھن.تقريب کي خطاب ڪندي توانائي ۽ منصوبابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھھ چيني سيڙپڪارن ۽ تقريب ۾ شامل ترڪيھ جي قونصل جنرل جي آجيان ڪئي ۽ چيو تھ سيڙپڪاري ڪانفرنس ڪرائڻ سيڙپڪاري واري کاتي جون ڪاوشون تعريف جوڳيون آھن، اسان سنڌ سرڪار طرفان بين الاقوامي سيڙپڪارن کي مڪمل سھڪار جي خاطري ڪرايون ٿا. سيد ناصر حسين شاھھ چيو تھ سنڌ ۾ توانائي، صنعت، زراعت، ٽرانسپورٽ سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا موقعا موجود آھن، سنڌ سرڪار نھ رڳو چين پر پوري دنيا ۾ ايندڙ سيڙپڪارن جي آجيان ڪري ٿي ۽ سمورن سيڙپڪارن کي مڪمل سھڪار ۽ سھولتن جي فراھمي جي خاطري ڪرائي ٿي. ڪانفرنس جي شروع ۾ وڏي وزير جي سيڙپڪاري ۽ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ بابت خاص مددگار سيد قاسم نويد قمر سيڙپڪاري ڪانفرنس ۾ شريڪ سيڙپڪارن ۽ ٻين معزز مھمانن جي آجيان ڪئي ۽ ڪانفرنس جي مول متا بيان ڪيا.جڏهن ته سيڙپڪاري ڪانفرنس ۾ ادريس گيگي پريس بريفنگ ڏيندي چيو تهچائنيز ڊيليگيشن مينگ کي وڏي وزير گهرايو، پيپلزپارٽي جا شڪرگذار، آهيون جن اهو ممڪن ڪيو.صوبائي وزير ناصر شاھ ۽ شرجيل انعام ميمڻ چائنيز وفد کي پاڪستان آڻڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو.هن چيو ته چائنا جا سيڙپڪار ميڊيڪل سٽي آڻڻ پيا ڌاٻيجي لڳ 300 ايڪڙن تي مشتمل آهي.هڪ ڪمپني جديد طريقي سان ڀاڻ جي پيداوار ڪندي، جيڪا ڪوئلي سان هلندي.خاص قسم جا ڀاڻ ٺاهيا ويندا، سولر انرجي جو به منصوبو آهي جيڪو سنڌ حڪومت پاران ماڻهن کي مفت بجلي ڏيڻ جو پروگرام آهي ان جو حصو آهي.ادريس وڌيڪ چيو ته وڏو منصوبو زراعت آهي جن تي هي ڪمپني پهريان پائلٽ پراجيڪٽ آڻيندا ان کان پوءِ نتيجا حاصل ٿيڻ کان پوء ان کي وڌائيندا.گوشت به برآمد ڪرڻ لاءِ ڪمپنين کي گهربل آهي ان جي لاءِ به سيڙپڪاري ٿي رهي آهي.صحت، توانائي، زراعت، لائيو اسٽاڪ ۾ ڪمپنيون سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ منصوبا آڻي رهيون آهن.ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ به سنڌ حڪومت سان گڏجي هڪ ڪمپني 2هزار بسون ۽ ڏھ ھزار اليڪٽرڪ ٽيڪسيون آڻي رهي آهي

اپنا تبصرہ بھیجیں