
جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي، پريس رليز، 23 جولاءِ 2024
جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ پاڪستان ۾ نفسياتي ماهرن جي کوٽ ۽ زندگيءَ جي چئلينجز جي عنوان سان سيمينار
دماغي صحت مجموعي فلاح ۽ بهبود جو هڪ اهم پهلو آهي ۽ اِهو ضروري آهي ته اسان پاڪستان ۾ ماڻهن کي با اختيار بڻائڻ لاءِ قابل رسائي ۽ ثبوتن تي ٻڌل حل فراهم ڪريون: جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائس چانسلر، پروفيسر احمد سراج ميمڻ جو خطاب
جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ پاڪستان ۾ نفسياتي ماهرن جي کوٽ ۽ زندگيءَ جي چئلينجز جي عنوان سان سيمينار ٿي گذريو.
سيمينار ۾ ماهرن روايتي طور تي پنهنجي مدد پاڻ تحت جي طريقيڪار کي ثابت ٿيل ٽيڪنيڪس سان گڏائي هڪ نئون رستو ڏيکاريو ته جيئن ماڻهو زندگيءَ جي ڏکيائين کي بهتر نموني منهن ڏئي سگهن.
اِهو قدم پاڪستان ۾ ذهني صحت جي ماهرن جي کوٽ سبب سامهون آيو آهي، جتي 220 ملين کان وڌيڪ آبادي لاءِ رڳو اٽڪل 600 سئو نفسياتي ماهر ۽ اٽڪل 1200 سئو کان ٻن هزارن جي وچ ۾ ( سائيڪالوجسٽ ) نفسياتي ماهر موجود آهن.
سي ايم اي جي ڊائريڪٽر، ڊاڪٽر راحت ناز پنهنجي خطاب ۾ شروعاتي مداخلت جي اهيمت تي زورڏيندي چيو ته سمورن ذهني بيمارين جو هڪ ڀاڱي ٽي حصو 14 ورهين جي عمر کان پهريان شروع ٿي ويندو آهي، اڌ 18 سالن جي عمر کان جڏهن ته ٻه ڀاڱي ٽي حصو 25 سالن جي عمر کان اڳ شروع ٿيندو آهي، اهڙي طرح منشيات جو استعمال به گهڻي ڀاڱي ننڍي عمر ۾ شروع ٿيندو آهي.
پروفيسر اقبال آفريدي، مشهور نيشنل پروفيسر وضاحت ڪئي ته ترقي ۽ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ مناسب سطح جو دٻاءُ ضروري آهي، اهم ڳالهه اِها آهي ته صحيح توازن ڳوليو وڃي، گهٽ دٻاءُ ايترو ئي هاڃيڪار ٿي سگهي ٿو جيترو گهڻو دٻاءُ، ان اصول کي سمجهي ڪري ۽ فلاح ۽ بهبود لاءِ هڪ گڏيل نظريو اختيار ڪري، ماڻهو زندگي جي چئلينجز کي وڌيڪ مضبوطي سان سنڀالي سگهجن ٿا.
هن وڌيڪ چيو ته پنهنجي مدد پاڻ تحت جي حڪمت عملي کي اپنائي پنهنجي زندگي کي بهتر بڻائي سگهجي، حقيقي تبديلي لاءِ هڪ گهري، وڌيڪ منظم نظرئي جي ضرورت هوندو آهي، جيڪو ماڻهن کي پنهنجي زندگي ۾ پائيدار، هاڪاري تبديليون آڻڻ جو اختيار ڏئي ٿو.
هيوسٽن، ٽيڪساس جي بين ٽائوب اسپتال ۾ ڪميونٽي سائيڪاٽري جي ڊويزن چيف ڊاڪٽر عاصم اي شاهه ذهني صحت جي نوعيت تي زور ڏيندي چيو ته ذهني صحت رڳو نفسياتي نه پر اسان جي زندگي جي سماجي رخن کي به محيط ڪندي آهي، پاڪستان ۾ منشيات جي استعمال جي وڌندڙ واقعن سميت ٻارن جي منشيات جي عادي ٿيڻ ملڪ ۾ منيشيات استعمال ڪندڙن ۾ پنجاهه سيڪڙو کان وڌيڪ جون عمرون 16 ورهين کان گهٽ آهن ۽ ٻارن جي نفسياتي ماهرن جي کوٽ سبب اِهو ضروري آهي ته اسان ماڻهن کي سندن ذهني صحت جي انتظام ۾ پاڻڀرو ٿيڻ لاءِ بااختيار بڻايون.
تقريب ۾ رجسٽرار ڊاڪٽر اعظم خان، سنڌ ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپل پروفيسر مسرور احمد ۽ يونيورسٽي جي تمام پروفيسرز سان گڏ جناح پوسٽ گريجويٽ ميڊيڪل سينٽر جي مختلف شعبن جي سربراهن سان گڏوگڏ ڪراچي جي نفسياتي ماهرن ۽ جي ايس ايم يو جي شاگردن شرڪت ڪئي.


