) ٺٽي شھر توڙي ٺٽي ۽ مڪليءَ جي مين نيشنل ھاء وي وٽان گذرندڙ ٺٽہ ڊرينج مين سم نالي جي ھن مون سون واري مند ۾ بہ صفائي سٿرائي نہ ٿيڻ ڪري سم نالو گاھ سان ڀرجي ويو


ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ٺٽي شھر توڙي ٺٽي ۽ مڪليءَ جي مين نيشنل ھاء وي وٽان گذرندڙ ٺٽہ ڊرينج مين سم نالي جي ھن مون سون واري مند ۾ بہ صفائي سٿرائي نہ ٿيڻ ڪري سم نالو گاھ سان ڀرجي ويو، پاڻي نيڪال ٿيڻ ۾ ڏکيائون پيش اچڻ لڳيون، پر انتظاميہ ڪوبہ تحرڪ ناھي ورتو، ٺٽہ ڊرينج سم نالو جيڪو اٽڪل 50 ڪلو ميٽرن جو سفر طئي ڪري گھوڙاٻاڙي تعلقي جي ڪاروباري شھر ڳاڙھو ڀرسان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪِري ٿو، جنھن وسيلي زھريلو گندو پاڻي شھرن توڙي زرعي ابادين جو بہ ھن سم نالي ذريعي نيڪال ٿئي ٿو، سم نالي جي پاڻي نه کڻڻ جي ڪري شھرن جو ڊرينج نظام پڻ سخت متاثر ٿئي ٿو، جنھن ڪري شھري علائقن توڙي بازارن مان پاڻي نہ نڪرڻ ڪري اھي خود سم نالن جو ڏيک ڏيڻ لڳندا آھن، جنھن ڪري ٺٽي وارن کي برسات گھٽ نقصان ڏي ٿي پر ھميشه انھن کي سم نالي جي ڪري نقصان ٿئي ٿو جيڪي برساتن جي دؤران پاڻي نه کڻڻ جي ڪري سم نالا سوين ڳوٺ ۽ ھزارين ايڪڙ زمينون ٻوڙين ٿا، ڊرينج کاتي وارن کي ڪروڙين، اربين روپيا سم نالن جي کانٽي ۽ صفائي لاء ملن ٿا اھي ڪٿي ٿا خرچ ٿين انھن جي ڪابہ خبر ناھي، البتہ ڪرپٽ ڪامورن پنھنجي ڪاغذي ڪارروائي ۾ اھي سم نالا صاف سٿرا ڏيکاري ڇڏيا آھن. شھرين جو چوڻ اھي تہ شھري علائقن مان گذرندڙ سم نالن جي اھا حالت آهي ته اڳيان ڪھڙو حشر ھوندو، جنھن ڪري ھزارين ماڻھن کي برساتن دوران تڪليفن کي منھن ڏيڻ سميت ھو گھرن کان در بدر ٿيڻ سان گڏ کين وڏو نقصان پھچڻ سميت زرعي ملڪ پاڪستان جون لکين ايڪڙ زمينون پڻ تباھ ۽ برباد ٿي وينديون آھن، جن سان لکين ماڻھو روزگار سان ڳنڊيل آھن، ھتان جي رھواسين وس وارن کان مطالبو ڪيو اھي تہ فورن ٺٽہ درينج سم نالي سميت سمورن سم نالن جي کانٽي ۽ صفائي ڪرائي شھرين کي وڌيڪ نقصان ۽ پريشاني کان بچايو وڃي، بئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.
=========================

اپنا تبصرہ بھیجیں