
ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي)
سنڌ حڪومت پاران روشن سنڌ پروگرام تحت ٺٽي ضلعي جي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي امداد حاصل ڪندڙ غريب عورتن ۽ مستحق ماڻھن ۾ سنڌ سولر اينرجي پراجيڪٽ تحت سولر پراجيڪٽ ورهايا ويا، اُن سلسلي ۾ سولر اينرجي پراجيڪٽ ورهائڻ واري تقريب سرڪٽ ھائوس مڪلي ۾ منعقد ٿي جنھن ۾ ٺٽي جي ضلعي چيئرمين عبدالحميد پنهور ايم پي اي رخسانه شاھ پ پ اڳواڻن امتياز قريشي امتياز شاھ شيرازي هينڊز جي سوشل موبيلائيزيشن آفيسر محمد رحيم مري محبوب علي لُنڍ ڊي سي ٺٽو منور عباس سومرو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پهرين مرحلي ۾ سنڌ اندر سنڌ سولر اينرجي پراجيڪٽ تحت 2 لک غريب ماڻھن ۾ سولر پراجيڪٽ ورهايا پيا وڃن ۽ ٺٽي ضلعي اندر ابتدائي طور تي 6 هزار 6 سئو 66 غريب خاندانن کي سولر پراجيڪٽ تقسيم ڪرڻ جي اڄ کان شروعات ڪري رهيا آھيون، جيڪو خواب پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ساڀيان ويو آھي هنن چيو ته ٺٽي ضلعي اندر برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر ٿيل 24 هزار 7 سئو 16 غريب ماڻھن کي گهر تعمير ڪرائڻ ڏيڻ جي منصوبي تي ڪم هلندڙ آھي ۽ هن وقت تائين 21 سئو 70 گهر تعمير ٿي چڪا آھن، هنن چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت ملڪ اندر مهانگي بجلي جي صورتحال کي سامهون رکندي غريب ماڻھن کي سولر سسٽم ذريعي بجلي فراهم ڪرڻ جو منصوبو شروع ڪيو آھي. اُن موقعي تي تقريب ۾ پ پ اڳواڻن محمود عالم شاھ ممتاز جلباڻي ممتاز علي ميمڻ ميونسپل ڪميٽي ٺٽو جي چيئرمين ادا محمد ميمڻ ٽائون ڪميٽي مڪلي جو چيئرمين پير زين العابدين جيلاني عبدالحميد سومرو خدا بخش بهراڻي ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي. اُن موقعي تي غريب ماڻھن ۾ سولر يونٽ تقسيم ڪيا ويا.


