لاڙڪاڻي ۾ نظامي ادبي سنگت لاڙڪاڻو طرفان سنڌ جي ناليواري شاعر ۽ اديب محمد ابراهيم راحم صديقيءَ جي 18 هين ورسي وڏي عقيدت ۽ احترام سان سندس رهائشگاهه تي ملهائي

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ نظامي ادبي سنگت لاڙڪاڻو طرفان سنڌ جي ناليواري شاعر ۽ اديب محمد ابراهيم راحم صديقيءَ جي 18 هين ورسي وڏي عقيدت ۽ احترام سان سندس رهائشگاهه تي ملهائي تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ انجنيئر آفتاب احمد صديقي، سگهڙ بدرالدين ڪيهر، پروفيسر ڊاڪٽر عالم ابراھيم صديقي، ڊاڪٽر عطا محمد صديقي سميت سنڌ جي ڪنڊ کان اديبن، شاعرن ۽ ساڃاهه وندن توڙي سندس چاهيندڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري کيس لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ چيو ته محمد ابراهيم راحم صديقي جي شاعريءَ ۾ سادگيءَ هوندي به پنهنجو حسن آهي، سندس شاعريءَ ۾ مختلف انڊلٺي رنگ آهن، هو ڪنهن به حوالي سان انتهاپسند نه رهيو سندس شاعريءَ ۾ امن، ايڪي، ڀائيچاري ۽ انسانيت جي ڳالهه ٿيل آهي. هنن چيو ته راحم صديقي صاحب حياتيءَ جي پڇاڙڪن سالن ۾ شاعريءَ سان خوب نڀايو، هن پنهنجي ناني جي نالي تي قائم ڪيل ”بزمِ نظامي“ پاران پنهنجي اوطاق تي مشاعرا ڪوٺائي لاڙڪاڻي ۽ آس پاس جي شاعرن کي ڪوٺ ڏئي گھرايندو هو ۽ هن ڪيتريون ئي يادگار محفلون مچايون. پنهنجا ڪيترائي ڪلام سنڌ جي ڀلوڙ راڳين جي آواز ۾ رڪارڊ ڪرايا ۽ پنهنجي شاعريءَ جو مجموعو ”دل جي ڌڙڪن“ پڻ ڇپرايو. هنن چيو ته راحم صديقي جي شاعري سندس جذبن، اڌمن، امنگن ۽ احساسن جي ترجماني ڪندي نظر اچي ٿي ۽ اها ئي سندس شاعريءَ جي خصوصيت به آهي ته هن اندر جا اهي اڌما جيئن جو تيئن اسان جي آڏو پيش ڪيا ۽ انهن ۾ ڪابه مصنوعيت نه آهي سندس انداز ڀل ته سادو هجي پر اهو وڻندڙ آهي. هن پاڻ ئي چيو ته منهنجي شاعريءَ کي محبت جي نظر سان ڏسڻ جي ضرورت آهي ۽ اسان جڏهن انهن محبت ڀرين ڳالهين کي محبت سان پڙهون ٿا ته يقينن ڪيترائي سهڻا منظر ۽ احساس اکين جي آڏو اڀري اچن ٿا. ان اڳ فنڪار عنايت منگي ۽ ٻين فنڪارن شاعري ڳائي محفل ۾ داد حاصل ڪيو. ٻئي پاسي اديبن ۽ شاعرن لاڙڪاڻي ڀرسان مخدومن جي قبرستان ۾ دفن ٿيل محمد ابراھيم راحم صديقي جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چڙھي فاتح خواني ڪئي.
====================

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں