
ٺٽو رپورٽ علي گوهر قمبراڻي
ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ سنڌو درياءُ جي وهڪرن ۾ تيزي سان واڌ جاري ڪچي جا ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچڻ لڳا
ٺٽو
ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي وهڪرن ۾ واڌ سبب ننڍي درجي واري ٻوڏ، جهرڪ ويجهو يوسي ٽنڊو حافظ شاھ جي ڳوٺ حاجي سومار دَل سميت آس پاس جي علائقن ۾ پاڻي داخل
ٺٽو
ٽنڊو حافظ شاھ ۽ راڄو نظاماڻي جي ڀرسان سنڌو درياءُ جي چاڙھ سبب ڪنارن وارن ڳوٺن مان لڏپلاڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو
ٺٽو
ڪوٽڙي بئراج جو مٿانهون وهڪرو وڌي 2 لک 54 هزار 3 سئو 50 ڪيوسڪس ٿيڻ کانپوء هيٺانهون وهڪرو وڌي 2 لک 16 هزار 4 سئو 95 ڪيوسڪس تي پهچي ويو ڪوٽڙي کان هيٺ ننڍي درجي واري ٻوڏ، پاڻي وهڪرن ۾ تيزي سان واڌ جاري
ٺٽو
سکر بئراج جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 95 هزار 6 سئو 87 ڪيوسڪس ۽ ھيٺانهون وهڪرو 3 لک 77 هزار 2 سئو 12 ڪيوسڪس رڪارڊ
ٺٽو
گڊو بئراج جو مٿانهون وهڪرو 4 لک 16 هزار 5 سئو 19 تي پهچڻ بعد هيٺانهون وهڪرو وڌي 4 لک 5 هزار 4 سئو 30 ڪيوسڪس تي پهچي ويو
ٺٽو
گڊو ۽ سکر بئراجن تي وچولي درجي واري ٻوڏ ۽ ڪوٽڙي بئراج تي ننڍي درجي واري ٻوڏ سبب ڪچي وارن علائقن ۾ پاڻي ڦھلجڻ لڳو
ٺٽو
هلندڙ وهڪرن دوران ڪوٽڙي کان هيٺ دولھ دريا خان پل وٽان ايندڙ ڪجھ ڏينهن دوران پاڻي وهڪرا وڌي 3 لک ڪيوسڪس تائين پهچي سگهن ٿا جيڪا ننڍي درجي واري ٻوڏ هوندي: پاڻي ماهر
Load/Hide Comments


