ٺٽي ۾ تاجر اتحاد ضلعي ٺٽي جو اجلاس ٺٽي شھر جي شيخ فريد چوڪ ويجھو تاجر اتحاد ضلعي ٺٽي جي آفيس ٿي گُذريو، جنھن ۾ متفقہ راء سان سال 2025 جي لاء نئين باڊي جوڙي ويئي،

ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) ٺٽي ۾ تاجر اتحاد ضلعي ٺٽي جو اجلاس ٺٽي شھر جي شيخ فريد چوڪ ويجھو تاجر اتحاد ضلعي ٺٽي جي آفيس ٿي گُذريو، جنھن ۾ متفقہ راء سان سال 2025 جي لاء نئين باڊي جوڙي ويئي، جنھن جو صدر اشرف چَنڊ ميمڻ، سينيئر نائب صدر فيصل ميمڻ، نائب صدر محمد موسيٰ سبزپوش، جنرل سيڪريٽري شاھد ميمڻ ممڀائي، خزانچي فرقان شيخ، جوائنٽ سيڪريٽري عبدالعزيز جوڳي، انفارميشن سيڪريٽري عابد شيخ، ورڪينگ ڪميٽي ۾ حسنين عباسي، اسامہ ميمڻ، اشفاق ميمڻ ٽڪاڻي، فواد ميمڻ ڇاپائي، عبدالبھائي کي ورڪينگ ڪميٽي ۾ چُونڊيو ويو، اُن موقعي تي تاجر اتحاد ضلعي ٺٽي جي نئين چُونڊيل صدر اشرف چنڊ ميمڻ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو تہ ٺٽي جا واپاري ننڌڻڪا ناھن، ٺٽي جي واپارين سان ڪڏھن بہ ڪٿي بہ ڪوبہ مسئلو ٿيندو تہ تاجر اتحاد ضلعو ٺٽو ان واپاري سان ھميشہ گڏ ھوندي پوءِ اُھو ننڍو واپاري ھجي يا وڏو واپاري ھُجي اُن جي حقن جي حاصلات لاءِ ھميشہ جدوجھد جاري رھندي، ڇاڪاڻ تہ واپاري مُلڪ جو اھم پايو آھن، جنھن ھميشہ ملڪ جي ترقي لاءِ پنھنجو وڏو حصو ڏنو آھي، پر افسوس جي ڳالھ آھي تہ واپارين جي مسئلن کي ھميشہ نظرانداز ڪيو ويو آھي، جنھن لاءِ تاجر اتحاد ضلعو ٺٽو جو بنياد رکيو ويو آھي ۽ واپارين جي ھر ممڪن مالڪي ڪئي ويندي، اجلاس ۾ واپاري اڳواڻ اڳوڻي صدر حاجي مجيد ٽڪاڻي، معراج شاھجان شيخ، شھروز چانگ، حاجي جميل ٽڪاڻي، معراج ٽڪاڻي عباس خان، شيراز واريو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ واپارين شرڪت ڪئي.

اپنا تبصرہ بھیجیں