لاڙڪاڻو چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي واپاري برادري جو اجلاس وزير اعلى سنڌ جي خاص معاون ۽ لاڙڪاڻو چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر خير محمد شيخ جي صدارت ۾ منعقد ٿيو.


لاڑکانہ رپورٹ محمد عاشق پٹھان

لاڙڪاڻو چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي واپاري برادري جو اجلاس وزير اعلى سنڌ جي خاص معاون ۽ لاڙڪاڻو چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر خير محمد شيخ جي صدارت ۾ منعقد ٿيو. جنهن ۾ لاڙڪاڻي جي نيو انڊسٽريل زون بابت گفتگو ٿي ۽ ان کي جلد عمل ۾ آندو ويندو ۽ پنجاب مان ايندڙ ڪڻڪ جي ٻجن تي تازي پابندي تي بحث ڪيو ويو.
اجلاس ۾ واپاري برادري سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ته پنجاب مان ايندڙ ڪڻڪ جي ٻجن تي تازي پابندي هڪ غير منصفانه، غير آئيني عمل آهي ۽ سنڌ جي زراعت ۽ ملڪ جي مجموعي خوراڪ جي تحفظ لاءِ نقصانڪار قرار ثابت ٿيندو. واپارين چيو ته اهو عمل ڪڻڪ جي ٻج جي کوٽ پيدا ڪندو ۽ پوک ۾ دير ڪندو ۽ هارين لاءِ پيداواري قيمتون وڌائيندو. اجلاس ۾ متفقه طور تي فيصلو ڪيو ويو ته پاڪستان جي وزيراعظم، سنڌ جي وڏي وزير، وفاقي وزيرن، گڏوگڏ سنڌ ۽ پنجاب جي چيف سيڪريٽرين ۽ صدر فيڊريشن آف پاڪستان چيمبر آف ڪامرس ائنڊ انڊسٽري جن کي فورن طور خط موڪلي ڇڏيو ته جئين ڪڻڪ جي ٻجن تي پابندي کي فوري طور تي واپس وٺڻ تي زور ڏنو وڃي.

هن اجلاس ۾ خير محمد شيخ چيو ته صوبن جي وچ ۾ آزاد واپار پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 151 جي تحت هڪ آئيني حق آهي، ۽ زرعي شين، خاص طور تي ڪڻڪ جي ٻج جي حرڪت ۾ پابندي، هارين جي معيشت ۽ قومي خوراڪ جي حفاظت لاءِ هڪ سنگين خطرو پيدا ڪري سگهي ٿو.

گڏجاڻي ۾ سينئر نائب صدر هريش لعل، نائب صدر جمال مصطفى شيخ، سابقه صدور، حافظ محمد سليمان شيخ، احمد علي، بشير احمد ايم پريل، مسعود احمد، رسول بخش شيخ، علي رضا کوکر ۽ ٻين واپارين شرڪت ڪئي.

https://www.youtube.com/watch?v=hQrgXHyloa0

https://www.youtube.com/watch?v=3TYKCHHyWLE

https://www.youtube.com/watch?v=Og1oCCN140c

https://www.youtube.com/watch?v=WQhlhKgdnoc

https://www.youtube.com/watch?v=zF992qgrdRg

اپنا تبصرہ بھیجیں