
سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي 25 آگسٽ 2025ع تي سڄي سنڌ جيان تعلقو کپرو ضلعو سانگهڙ ۾ به آفيسن ۽ اسڪولن جي مڪمل تالابندي ڪئي وئي.
گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول کپرو ۾ استادن ۽ ملازمن تالابندي ڪندي احتجاج جو اظهار ڪيو. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ملازمن لاءِ مسلسل دشمن پاليسيون اختيار ڪري رهي آهي.
ملازمن جو موقف هو ته سرڪاري ملازمن جي زندگيءَ جو سڀ کان اهم سهارو سندن پينشن آهي، پر حڪومت مختلف حربا استعمال ڪري ان ۾ ڪٽوتيون ڪري رهي آهي. ان سان گڏ ڊسپيئرٽي ريڊڪشن الائونس به اڃا تائين جاري نه ڪيو ويو آهي، جيڪو کين وڏي ناانصافي ۽ مايوسي ۾ وجهي رهيو آهي.
ملازمن وڌيڪ چيو ته حڪومت جي هن هٺ ڌرمي سبب هزارين ملازم معاشي تڪليفن ۾ ورتل آهن. جيڪڏهن حڪومت پنهنجو رويو تبديل نه ڪندي ته ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ سخت قدم کنيا ويندا.
تالا لڳل آهن اسڪولن جا در،
ملازم اٿيا آهن درد سان ڀر،
پينشن تي ڪٽوتي، الائونس به بند،
حڪومت جو ظلم، آهي عوام لاءِ گند۔
مزدور، استاد سڀ هڪ ٿي ويا،
حق لاءِ جدوجهد ۾ گڏ ٿي ويا،
سنڌ جي ڌرتيءَ جو پيغام آهي،
ملازم جي عزت ئي عوام آهي۔


