
ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) ضلعي ٺٽي اندر بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي قسط شروع ٿيندي ئي ڊوائيز ھولڊرن ۽ انھن جي کاٽائو بروڪرن جي چاندني ٿي ويئي آھي، جيڪي مستحق عورت کي ٻنھي ھٿن سان لٽڻ ۽ پنھنجي مرضي سان ڪٽوتي ڪرڻ ۾ مصروف بڻيل آھن، پر انھن خلاف ڪير بہ ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار ناھي، ان سلسلي ۾ تعلقي ميرپور ساڪرو جي ڪيترين ئي مستحق عورتن دانھيندي الزام ھڻندي چيو آھي تہ ھونئن تہ پوري ضلعي ٺٽي ۾ بسپ جي ايندڙ قسطن مان ڊوائيز ھولڊر پوليس ۽ بسپ جي عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري وڏي ڪٽوتي ڪرڻ سان گڏ عورتن جي تذيل ڪئي پئي وڃي، پر ميرپور ساڪرو ۾ ڊوائيز ھولڊرن پوليس جي ملي ڀڳت سان سندن ايندڙ قسط مان 15 سئو کان 2 ھزار روپيہ ڪٽوتي ڪرڻ سان گڏ اڪثر


عورتن جن جي فنگر پرنٽ ٿيڻ، اڱوٺو لڳڻ باوجود ڊوائيز ھولڊر اھو چئي مستحق عورتن کي واپس ڪريو ڇڏين تہ توھانجو اڱوٺو ناھي لڳو ۽ پوء اھا سموري رقم ڪڍي ھڙپ ڪري وڃن ٿا، جيڪا ساڻن وڏي ناانصافي آھي، ھنن چيو تہ اسانجون دانھون ڪير ٻڌڻ وارو ناھي، ھنن انڪشاف ڪندي چيو تہ عوامي شڪايتن تي ٺٽي ضلعي اندر ڪافي ڊوائيزون بليڪ لسٽ ٿي بند ٿي ويون آھن، پر ڊوائيز وارا پنھنجو رويو درست نٿا ڪن نہ ئي کين قائم ٿيل بسپ جي سينٽرن تي پيئڻ جي پاڻي، ويھڻ توڙي ٻيون ڪي بہ سھولتون ميسر ٿي ناھن سگھيون، ھنن بسپ جي اعلي اختيارين سميت سمورن وس وارن کان مطالبو ڪيو تہ ساڻن ٿيندڙ ناانصافين جو ازالو ڪرائي کين ايندڙ بسپ جي پوري قسط جاري ڪرائي ڪٽوتي ڪندڙ ڊوائيز ھولڊرن جون ڊوائيزون بند ڪري مستحق عورتن سان انصاف ڪري ساڻن ٿيندڙ تذليل جو نوٽيس وٺي کين گھربل سھولتون مھيا ڪري وڌيڪ پريشاني کان بچائي انھن سان ڀاڱي ڀائيوار پوليس، بسپ جي عملدارن سميت بروڪرن خلاف بہ ڪاروائي ڪئي وڃي، جيئن مستحق عورتن کي فائدو ملي سگھي.


