ڪوھستان جي سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر لکمير خان پالاري چيو آھي تہ ھڪ طرف ضلعي ٺٽي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو وڏو آزار آھي، جنھن ڪري شھري ۽ ڳوٺاڻا سخت پريشان آھن تہ ٻئي طرف واپڊا عملدار شريف شھرين جي فورسز هٿان تذليل ڪرائين پيا، جيڪو عمل سخت مذمت جوڳو آھي،

ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) ڪوھستان جي سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر لکمير خان پالاري چيو آھي تہ ھڪ طرف ضلعي ٺٽي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو وڏو آزار آھي، جنھن ڪري شھري ۽ ڳوٺاڻا سخت پريشان آھن تہ ٻئي طرف واپڊا عملدار شريف شھرين جي فورسز هٿان تذليل ڪرائين پيا، جيڪو عمل سخت مذمت جوڳو آھي، ھن چيو تہ بجلي چوري ۾ سهولتڪاري ايس ڊي او واپڊا کان وٺي هيٺ تائين ملازم ڪن ٿا، انهن خلاف واپڊا اختياريون ڇو نٿيون قدم کڻن، بلڪہ اھي تہ انھن خلاف خاموش بڻيل آھن، ھن چيو تہ ٽيوب ويل ڪنيڪشن ۽ اي سي ڪنيڪشن تان SDO، لائين سپريڊنٽ ۽ لائين مين منٿلي اوڳاڙين ٿا، چوري بجلي لائن لاسز پورا ڪرڻ لاء 18/16 ڪلاڪ غير قانوني لوڊشيڊنگ بہ ڪن ٿا ۽ جڏھن وري چيڪينگ جو وارو اچي ٿو تہ اھي ساڳيا واپڊا عملدار ۽ ملازم فورسز کي وٺي وڃي انھن جي تذليل ڪري اھي لائينون ڪٽين ٿا، جيڪي سندن آشيرواد سان وڏي رشوت عيوض ھلن ٿيو، جيڪا مقامي ماڻھن سان وڏي زيادتي آھي، ڊاڪٽر لکمير خان پالاري چيو تہ واپڊا عملدار ۽ ملازم جيڪڏھن ايمانداري سان ڪم ڪن تہ بجلي جي چوري رڪجي سگھي ٿي ۽ انھن سان شھري ۽ ڳوٺاڻا بہ تعاون ڪن، پر واپڊا عملدارن ۽ ملازمن جا خرچا ئي انھن غيرقانوني لڳل ڪنيڪشن مان پورا ڪن ٿا، جن خلاف واپڊا اختياريون بہ ڪاروائي ڪرڻ ۽ کين ان عمل کان روڪڻ لاء تيار ناھن، جنھن ڪري ان ساري عمل جو نزلو غريب ڳوٺاڻن ۽ شھرين تي ڪري ٿو، ھن گھر ڪئي تہ سموري صورتحال تي نظر رکي واپڊا عملدارن ۽ ملازمن پاران فورسز ھٿان شھرين ۽ ڳوٺاڻن جي تذليل وارو عمل بند ڪري ان عمل ۾ ملوثن خلاف بہ ڪاروائي ڪئي وڃي تہ جيئن بجلي جي ٿيندڙ چوري جي روڪٿام لاء جوڳا قدم کڻي سگھجن، پر ان جي روڪٿام لاء ڪير قدم کڻندو، جيڪو پڻ ھڪ وڏو سوال آھي. جنھن جو شايد جواب رشوت خور واپڊا عملدارن ۽ ملازمن وٽ بہ ناھي، جيڪي عوام جو رت چوسڻ ۾ لڳل آھن.

اپنا تبصرہ بھیجیں