
ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي)
پي ٽي آئي سنڌ پاران سنڌو دريا تي ڌاڙو نامنظور جي عنوان هيٺ عوامي رابطه مهم جي سلسلي ۾ ڪراچي کان نڪتل احتجاجي مارچ وارو قافلو ٺٽي پهچي ويو ٺٽي لڳ دولھ درياءُ خان پل وٽ پي ٽي آئي سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مارچ ڪري سنڌو دريا ڪناري احتجاج رڪارڊ ڪيو ويو، ڪراچي کان نڪتل تحريڪ انصاف سنڌ جو عوامي رابطه مهم ۽ سنڌو دريا تي ڌاڙي خلاف احتجاجي مهم جي سلسلي ۾ قافلو ٺٽي کانپوء سجاول بدين ٽنڊو محمد خان ۽ ٽنڊوالهيار تائين ويندو پي ٽي آئي سنڌ جي صدر عليم عادل شيخ چيو ته سنڌو دريا مان 6 ڪئنال ڪڍي دريا تي ڌاڙو هڻي سنڌ جو پاڻي چورائڻ واري حڪومتي سازش خلاف عوامي جاڳرتا مهم جو آغاز ٺٽي کان ڪري چڪا آھيون مارچ قافلو بدين سجاول ٽنڊو محمد خان ۽ ٽنڊوالهيار پهچندو ٻئي مرحلي ۾ ٻين ضلعن جو دورو ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ سان گڏوگڏ تنظيمي نيٽورڪ کي بحال ڪيو ويندو ھن چيو ته سڀاڻي شام جو ملڪ جي تمام اپوزيشن جماعتن جا اڳواڻ ڪراچي ۾ فنڪشنل ليگ سربراه پير پاڳارو سان گڏجاڻي لاء پهچي رهيا آھن ملڪ اندر گرينڊ اپوزيشن الائنس ٺاهي حڪمرانن خلاف مضبوط تحريڪ جو آغاز ڪيو ويندو ھن چيو ته تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان ملڪ جي گرينڊ اپوزيشن الائنس بڻجڻ وڃي پيئي جنهن جي قيادت محمو دخان اچڪزئي اسد قيصر بي اين پي مينگل مجلس وحدت المسلمين تحريڪ انصاف ۽ پارٽين جا اڳواڻ سڀاڻي شام جو ڪراچي پهچي فنڪشنل ليگ جي سربراھ پير پاڳارو سان ملاقات ڪندا ۽ ملڪي غير يقيني واري صورتحال تي لائحه عمل جوڙيندا جلد حڪومت خلاف گرينڊ الائنس جي صورت ۾ تحريڪ شروع ٿيندي. حليم عادل شيخ ٺٽي لڳ دولھ دريا خان پل وٽ سنڌو دريا جي پل تي سنڌو جي پاڻي تي ڌاڙو نامنظور جي عنوان هيٺ احتجاجي مارچ جي موقعي تي ميڍيا سان ڳالهيندي چيو ته سنڌو دريا تي ڌاڙو نامنظور جي سلوگن هيٺ عوامي رابطه مهم جي سلسلي ۾ سنڌ جي لاڙ وارن ضلعن جو دورو ڪري رهيا آھيون ٻئي مرحلي ۾ وڏو سنڌ گير مارچ پي ٽي آئي طرفان ڪيو پيپلزپارٽي ۽ صدر آصف زرداري سنڌي ماڻھن جي قتل عام واري منصوبي تي صحيح ڪري سنڌو دريا جي پاڻي تي ڌاڙي جي اجازت ڏني آھي جنهن جو مقصد سنڌ جي عوام کي ڦاسي تي لٽڪائڻ جي برابر آھي سنڌ جي عوام سنڌو دريا ۽ سنڌو جي پاڻي تي ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندي پيپلزپارٽي ڀوکلائٽ جو شڪار ٿي وئي آھي اين پي پي جي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي جي گرفتاري ۽ پير پاڳاري جي پٽ تي ايف آء آر داخل ڪرائڻ اهڙي بوکلائٽ جو نتيجو آھي ھن وڌيڪ چيو ته سڀاڻي محمود خان اچڪزئي سميت اهم سياسي شخصيتون ڪراچي پهچي رهيون آھن جتي پير پاڳاري سان ملاقات ڪري سنڌ سميت ملڪ اندر ٿيندڙ حڪومتي ناانصافين خلاف لاء عمل جوڙي گرينڊ اپوزيشن الائنس جو قيام عمل ۾ آڻي دمادم مست قلندر ڪيو ويندو پي ٽي آئي پاران ٻئي مرحلي ۾ جلد سنڌ ۾ سنڌو دريا تي ڌاڙي خلاف هڪ وڏو احتجاجي مارچ ڪيو ويندو جڏهن ته پي ٽي آئي سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مسرور سيال حيدرآباد ڊويزن جي اڳواڻ مرتضي شاھ پير زمان شاھ ٺٽي جي ضلعي صدر سيد امجد شاھ هوش محمد عباسي رئيس ارسلان بروهي ايم پي ايز واجد حسين چوڌري اويس۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پي ٽي آئي ڪارڪنن جو مٽڪا اسٽاپ کان سنڌو دريا جي دولھ دريا خان واري پل تائين احتجاجي مارچ ڪري سنڌو دريا سان محبت جو وچن ورجايو ويو


