سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن جي مدد سياسي اختلافن کان مٿانهون ٿي ڪري ٿيڻ گهرجي جڏهن ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ ٻوڏ رليف جي حوالي سان پيدا ٿيل تڪرار کي هن افسوسناڪ قرار ڏنو۔

ڪراچي (9 آڪٽوبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن جي مدد سياسي اختلافن کان مٿانهون ٿي ڪري ٿيڻ گهرجي جڏهن ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ ٻوڏ رليف جي حوالي سان پيدا ٿيل تڪرار کي هن افسوسناڪ قرار ڏنو۔ هن اها ڳالهه منيجمنٽ ايسوسيئيشن آف پاڪستان (MAP) جي 25هين سالياني ڪنوينشن ۾ مقامي هوٽل ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي۔ هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفاقي حڪومت سان رابطو ڪيو ته جيئن ٻوڏ متاثرن لاءِ مدد حاصل ڪري سگهجي ۽ وفاقي وزيرن پڻ انهن جي ڪوششن جي حمايت ڪئي۔ سيد مراد علي شاهه ياد ڏياريو ته 2022 جي ٻوڏ کان پوءِ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف عالمي برادري کي متحرڪ ڪيو هو ۽ بلاول ڀٽو جي درخواست تي وفاقي حڪومت زرعي ۽ ماحولياتي ايمرجنسي لاڳو ڪئي هئي ته جيئن آبادگارن جي مدد ٿي سگهي۔ سيد مراد علي شاهه چيو ته موسمياتي تبديلي پاڪستان جو ڏوهه ناهي تنهن ڪري عالمي برادري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو۔ هن چيو اسان کي پنهنجن آبادگارن جي مدد ڪرڻي آهي ۽ سنڌ حڪومت ان سلسلي ۾ فعال آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته ٻئي ڏينهن مون ڏٺو ته پنجاب حڪومت پڻ ڪجهه سٺا قدم کنيا آهن جيڪو سٺو عمل آهي۔ عوامي ڀلائي اسان جي پهرين ترجيح هجڻ گهرجي، سياست پوءِ اچي سگهي ٿي۔ هڪ ٻئي سوال تي وڏي وزير چيو ته انڊس ريوَر سسٽم اٿارٽي (IRSA) کي ختم ڪرڻ جي ڪا به تجويز ناهي۔ هن چيو ته الله جو شڪر آهي ته سنڌ ۾ صرف ڪچن علائقن ۾ پاڻي آيو جڏهن ته سڀ حفاظتي بند محفوظ رهيا۔ هن ٻڌايو صورتحال 2022 واري نه هئي، نقصان جي تفصيلون جلد جاري ڪبيون۔ سيد مراد علي شاهه صحافين امتياز مير ۽ طفيل رند جي قتل تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو۔ هن چيو ته پوليس طفيل رند جي ڪيس جي تفصيل ڏني آهي ۽ ڏوھارين کي جلد گرفتار ڪيو ويندو۔ وڏي وزير مقتول صحافين جي وارثن سان دلي همدردي جو اظهار پڻ ڪيو۔ وفاقي وزيرن جي صدر سان ملاقات بابت سوال تي وڏي وزير چيو ان ۾ ڪا به حيرت واري يا پريشانيءَ جي ڳالهه ناهي، هر ملاقات جو پنهنجو مخصوص پسمنظر هوندو آهي۔ تقريب کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير MAP جو ٿورائتو ٿيو ته هن کيس 25هين سالياني ڪنوينشن ۾ گھرايو۔ هن چيو ته پاڪستان ۽ دنيا جي مختلف ملڪن مان منيجمنٽ جا ماهر هن تقريب ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن۔ سيد مراد علي شاهه ٻڌايو ته سنڌ حڪومت ۽ MAP ۾ هڪ مضبوط لاڳاپو قائم آهي ۽ هن وقت سنڌ حڪومت جا 40 آفيسر MAP جي ذريعي تربيت حاصل ڪري رهيا آهن۔ ان کان اڳ پنهنجي خطاب ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه منيجمنٽ ايسوسيئيشن آف پاڪستان (MAP) جي ڇهن ڏهاڪن تي پکڙيل خدمتن کي ساراهيو جن پيشوراڻي برتري ۽ قيادت جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي۔ هن چيو ته سنڌ حڪومت MAP جي مشن جي مڪمل حمايت ڪندي جيڪو هڪ قابل، بااخلاق ۽ مستقبل جي ضرورتن سان هم آهنگ منيجمنٽ فورس تيار ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي۔ ڪاروباري اڳواڻن، منيجمنٽ پروفيشنلن ۽ پاليسي سازن سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ڪراچي، جيڪا پاڪستان جو معاشي مرڪز ۽ سنڌ جو فخر آهي، هن شانائتي ڪنوينشن جي ميزباني لاءِ بهترين جڳهه آهي۔ هن چيو هن حال ۾ موجود دانش ۽ ڏاهپ اسان جي صوبائي ترقيءَ جو انجڻ آهي۔ وڏي وزير چيو ته پاڪستان ۽ سنڌ هن وقت هڪ اهم موڙ تي بيٺل آهن جتي معاشي، انفراسٽرڪچر ۽ ماحولياتي چيلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اعليٰ قيادت ۽ مضبوط نظام جي ضرورت آهي۔ هن زور ڏنو ته هاڻي صرف وسيلا ڪافي ناهن، اصل فيصلو ڪندڙ عنصر انساني سرمايي جو معيار آهي۔ سيد مراد علي شاهه MAP جي ڪردار جي تعريف ڪندي چيو ته توهان جا پروگرام صرف مينيجرن نه پر مضبوط ۽ مقابلي واريون ادارتي صلاحيتون پيدا ڪن ٿا۔ وڏي وزير حڪومت جي اهم ترقياتي منصوبن جو ذڪر ڪندي چيو ته انهن ۾ ٽرانسپورٽ جو واڌارو، ڪي-IV واٽر پروجيڪٽ، شهري ترقي ۽ صحت جي شعبي ۾ وڏي پيماني تي سيڙپڪاري شامل آهي۔ هن چيو اهي سڀ منصوبا تربيت يافته، ايماندار ۽ دورانديش مينيجرن کان سواءِ مڪمل نٿا ٿي سگهن تنهنڪري حڪومت ۽ نجي شعبي کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي۔ سيد مراد علي شاهه MAP پاران سنڌ حڪومت جي سينيئر آفيسرن لاءِ ٿيندڙ تربيت بابت چيو ته اهڙي شراڪت سان سرڪاري سطح تي انتظامي صلاحيتن ۾ فرق گهٽبو۔ هن يقين ڏياريو ته سنڌ حڪومت قيادت جي تربيت، جدت ۽ شفاف حڪمراني جي فروغ لاءِ MAP سان مڪمل سهڪار ڪندي۔ وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ڪاروبار ۾ آساني، امن امان ۽ پيشوراڻي صلاحيتن جي همٿ افزائي لاءِ پرعزم آهي۔ هن ڪاروباري ۽ منيجمنٽ اڳواڻن تي زور ڏنو ته هو ڊجيٽل تبديلي، پائيداري ۽ سماجي ذميواري کي اپنائين، ڇاڪاڻ⁠ تہ مضبوط منيجمنٽ ڍانچا ئي جدت ۽ ايمانداري کي وڌائين ٿا۔ سيد مراد علي شاهه چيو اچو ته گڏجي سنڌ کي معاشي ترقي، سٺي حڪمراني ۽ پيشوراڻي برتريءَ جي علامت بڻايون۔ هن ڪنوينشن ۾ ملڪ جا نامور ڪاروباري اڳواڻ، پاليسي ساز ۽ منيجمنٽ ماهر گڏ ٿيا جن پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ قيادت کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ مستقبل جي حڪمت عملي تي غور ڪيو۔
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں