
ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) جسقم يونٽ جهمپير پاران سنڌ جون زمينون ڌارين حوالي ڪري ڪوهستان جي قيمتي جبلن تي قبضن توڙي سنڌ دشمن منصوبن خلاف ھڪ آحتجاجي مظاهرو جھمپير شھر ۾ اسد گوپانگ، احمد ماڇي، رشيد درس، مير خان شورو، ذاهد پالاري جي اڳواڻي ۾ ڪندي چيو تہ سنڌ حڪومت جي ملي ڀڳت سان لکين ايڪڙ زمين بحريا ٽائون جي ۡۡحوالي ڪرڻ سميت ڪوهستان جي قيمتي جبلن کي مسمار ڪري اتي پڻ رهائشي اسڪيمون جوڙي اتي غير مقامي ماڻھن کي آباد ڪري سنڌي ماڻھن کي پنهنجي ڌرتي تي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، جيڪا سازش ھرگز برداشت نہ ڪئي ويندي. ھنن گھر ڪئي تہ ڌارين کي سنڌ مان نيڪالي ڏيئي ڪوھستاني زمينن تي ٿيندڙ قبضا توڙي والارون ختم ڪري سنڌ جي ماڻھن جي ملڪيتن کي بچائڻ سميت سنڌ لاء ھاڃيڪار منصوبن کي ختم ڪيو وڃي.


