قديم ماڳ موهن جو دڙو تي پولينڊ،ٿائلينڊ،سلونيا سميت پرڏيهي ملڪن کان پرڏيهي سياحن جا 45 ڄڻن تي مشتمل مختلف وفد سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو پهتا.


موهن جو دڙو(رپورٽر)قديم ماڳ موهن جو دڙو تي پولينڊ،ٿائلينڊ،سلونيا سميت پرڏيهي ملڪن کان پرڏيهي سياحن جا 45 ڄڻن تي مشتمل مختلف وفد سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو پهتا.پرڏيهي وفد اسٽوپا گريٽ باٿ ڊي ڪي ايريا ميوزيم ۽ ٻيا تهذيبي آثار گهمي ڏٺا.ان موقعي تي سنڌ ٽوئرزم جو مقامي گائيڊ ارشاد سولنگي ۽ موهن جو دڙو تي مقرر گائيڊ جاويد شيخ کين ماڳ بابت آگاهي ڏني. جڏهن تہ سيڪورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا.پرڏيهي وفد ماڳ ۾ دلچسپي وٺندي چيو

تہ تہ دنيا جي تاريخ ۾ سنڌو ماٿري جي تهذيب منفرد حيثيت رکي ٿي، اهو ئي سبب آهي جو مختلف ملڪن کان سياح هتي اچن ٿا.هنن چيو تہ موهن جو دڙو اوائلي دور جي قديم ترين تهذيب آهي،جيڪا اڄ بہ وڏي اهميت رکي ٿي. هنن چيو تہ 5 هزار سالن کان قائم قديم گهرن جو وجود قائم رهڻ ڪنهن حيرت کان گهٽ ناهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں