جماعت اسلامي ٺٽو پاران شڪارپور ۾ جماعت اسلامي جي ڪارڪنن تي ڪيس داخل ٿيڻ توڙي وڌندڙ بدامني خلاف ٺٽي ۾ ھڪ احتجاجي مظاھرو جماعت اسلامي ٺٽو جي اڳوڻ عبدالمجيد سمون، عبدالله آدم گندرو، محرم خاصخيلي، حيدر شورو، مقبول خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪري سخت نعريبازي ڪندي چيو تہ سنڌ ۾ بدامني جي باھ ڀڙڪيل آھي،


ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) جماعت اسلامي ٺٽو پاران شڪارپور ۾ جماعت اسلامي جي ڪارڪنن تي ڪيس داخل ٿيڻ توڙي وڌندڙ بدامني خلاف ٺٽي ۾ ھڪ احتجاجي مظاھرو جماعت اسلامي ٺٽو جي اڳوڻ عبدالمجيد سمون، عبدالله آدم گندرو، محرم خاصخيلي، حيدر شورو، مقبول خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪري سخت نعريبازي ڪندي چيو تہ سنڌ ۾ بدامني جي باھ ڀڙڪيل آھي، سنڌ جي روڊ رستن تي ڌاڙيل ۽ ڏوھاري سرعام گھمي رھيا آھن، جيڪي سنڌ جي ماڻھن کي اغوا ڪري قانون جي رٽ کي چئلينج ڪرڻ سميت ماڻھن کي اغوا ڪري انھن کان لکين روپيا ڀنگ وصول ڪيا پيا وڃن، جنھن ڪري سنڌ ۾ ڪوبہ محفوظ ناھي رھيو پر ھاڻي تہ پورھيت بہ اغوا ٿي رھيا آھن، ڪيترائي ماڻھو ڌاڙيلن وٽ اغوا ٿيل آھن پر سنڌ حڪومت ڌاڙيلن خلاف ڪوبہ قدم نٿي کڻي پر جيڪڏھن وڌندڙ بدامني خلاف ڪير آواز اٿاري ٿو تہ ان خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين حراسان ڪيو وڃي ٿو. ھنن چيو تہ شڪارپور ۾ بدامني جي باھ ڀڙڪيل آھي، بدامني خلاف جماعت اسلامي جي قيادت ڀرپور آواز اٿاريو آھي تہ پوليس ڏوھارين خلاف ڪاروايون ڪرڻ بدران جماعت اسلامي جي اڳواڻن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آھن جنھن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. ھنن مطالبو ڪيو تہ جماعت اسلامي جي اڳواڻن تي داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف ڀرپور آپريشن ڪري ڌاڙيلن جي چنبي مان مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي.

اپنا تبصرہ بھیجیں