تعلقي ميرپور ساڪرو جي ديھ پليجاڻي جي ڳوٺ پير احمد شاھ جيلاني ۾ 2 ڏينھن اڳ باھ لڳڻ سبب ڌانڌل برادري جي 10 پورھيتن جا گھر، ٻن نياڻين جي ڏاج سميت مڪمل سامان سوڌو سڙي رک ٿيڻ سميت 2 موٽر سائيڪلون ۽ 4 جانور پڻ سڙي ويا ھئا،


ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) تعلقي ميرپور ساڪرو جي ديھ پليجاڻي جي ڳوٺ پير احمد شاھ جيلاني ۾ 2 ڏينھن اڳ باھ لڳڻ سبب ڌانڌل برادري جي 10 پورھيتن جا گھر، ٻن نياڻين جي ڏاج سميت مڪمل سامان سوڌو سڙي رک ٿيڻ سميت 2 موٽر سائيڪلون ۽ 4 جانور پڻ سڙي ويا ھئا، جيڪي ھن وقت لکيل آسمان ھيٺ ويٺل آھن، جن جي ضلعي انتظاميہ تہ ڪا سار ناھي لڌي، البتہ حلال احمر پاڪستان جي ريسڪيو ٽيم حاجي محمد حنيف ميمڻ جي قيادت ۾ پھچي باھ متاثرين کي ٽينٽ تنبو لڳائي ڏيڻ سميت کين بسترا، ڪپڙا ۽ ٻيو ضرورت

جو سامان مھيا ڪيو. ان موقعي تي حاجي محمد حنيف ميمڻ صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته قدرتي آفتن سبب متاثر ٿيندڙن جي ھلال احمر پاڪستان بنا ڪنھن فرق جي ھميشه مدد ڪئي آھي. ھن چيو تہ ھتي پڻ 10 باھ متاثرين کي سامان مھيا ڪيو ويو آھي، جيئن ھو پريشاني کان بچي سگھن. ان موقعي تي پير نصير شاھ جيلاني، پير آفتاب شاھ جيلاني، پير دلدار شاھ ڄيلاني، ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.

اپنا تبصرہ بھیجیں