سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ٿيل اجلاس جي صدارت ڪندي ضلعي سالياني ترقياتي پروگرام (26-2025) جو جائزو ورتو جنهن ۾ هن ضلعن ۾ ترقياتي منصوبن جي شفاف ۽ مؤثر عملداري کي يقيني بڻائڻ لاءِ پاليسي فيصلا ڪيا.

ڪراچي (25 آگسٽ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ٿيل اجلاس جي صدارت ڪندي ضلعي سالياني ترقياتي پروگرام (26-2025) جو جائزو ورتو جنهن ۾ هن ضلعن ۾ ترقياتي منصوبن جي شفاف ۽ مؤثر عملداري کي يقيني بڻائڻ لاءِ پاليسي فيصلا ڪيا. اجلاس ۾ وزير رٿابندي ۽ ترقي ناصر شاهه، وزير بلديات سعيد غني، چيـف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، چيئرمين منصوبابندي ۽ ترقي نجم شاهه، سيڪريٽري وزيراعليٰ رحيم شيخ، سيڪريٽري بلديات وسيم شمشاد، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي سميت ٻيا آفيسر موجود هئا. سنڌ حڪومت مالي سال 2025-26 جي صوبائي بجيٽ ۾ ضلعي سالياني ترقياتي پروگرام جي منصوبن لاءِ 55 ارب رُپيا رکيا آهن. وڏي وزير جي هدايت تي رٿابندي ۽ ترقي کاتي جولاءِ ۾ ٻه اجلاس ڪيا هئا جن ۾ ناڻي کاتي کان رهنمائي اصول، فنڊن جي اجرائي حڪمت عملي ۽ سن 2007 جي صوبائي مالياتي ڪميشن ايوارڊ تحت فنڊن جي ورڇ بابت تجويزون ورتيون ويون. تفصيلي غور کان پوءِ طئي ڪيو ويو ته ضلعي سالياني ترقياتي پروگرام 2025-26 لاءِ موجوده طريقيڪار برقرار رکيو ويندو ۽ ان عمل کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ لاءِ هڪ ڪميٽي به قائم ڪئي ويندي. فنڊن جي ورڇ کي برابر بڻائڻ لاءِ وڏي وزير فيصلو ڪيو ته 80 سيڪڙو فنڊ جاري منصوبن لاءِ ۽ 20 سيڪڙو نون منصوبن لاءِ رکيا ويندا. ڪنهن به منصوبي جي گهٽ ۾ گهٽ منظوريءَ جي حد 50 لک رُپيا مقرر ڪئي وئي آهي جڏهن ته وڌ ۾ وڌ حد ضلعي ترقياتي ڪميٽين لاءِ 4 ڪروڙ رُپيا ۽ ضلعي ترقياتي بورڊن لاءِ 6 ڪروڙ رُپيا هوندي. وڏي وزير چيو ته پنهنجي ضلعن ۾ ڊي سي ترقياتي منصوبن جا پروجيڪٽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪندا. منصوبا انهن ادارن وسيلي تيار ڪيا ويندا جن کي مخصوص ڪمن لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي ۽ انهن جي منظوري ضلعي ترقياتي ڪميٽين يا ضلعي ترقياتي بورڊن کان وٺڻ لازمي هوندي. وڏي وزير هدايت ڪئي ته ورجاءُ کان بچڻ لاءِ لاڳاپيل ادارا ۽ بلدياتي اداري اها تصديق ڪن ته ڄاڻايل منصوبا گذريل ٽن سالن ۾ مڪمل يا جاري منصوبن جو حصو نه آهن. سيد مراد علي شاهه زور ڏنو ته ضلعي سطح تي لاڳاپيل شعبي جي مالڪي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ هر منصوبي جي قيمت جو گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو موجوده مالي سال ۾ رکيو وڃي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته ضلعي سالياني ترقياتي پروگرام جا منصوبا ممڪن حد تائين هڪ سال ۾ مڪمل ڪيا وڃن ۽ رڳو مضبوط جواز تي ئي ڇوٽ ڏني وڃي. وڏي وزير وڌيڪ فيصلو ڪيو ته فنڊن جي ورڇ ۾ ترجيح جاري منصوبن جي مڪمل ٿيڻ کي ڏني ويندي. ڪنهن به منصوبي ۾ نظرثاني يا ٻيهر نظرثاني جي اجازت نه هوندي سواءِ انهن خاص حالتن جي جتي خرچ وڌي وڃن يا ضروري ڪمپوننٽ شامل نه هجن. هن چيو ته جاري منصوبن جو ٿرو فارورڊ ٻه سال کان وڌيڪ نه هجڻ گهرجي. سيد مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته ڪو به نئون منصوبو اهڙو نه هجي جنهن لاءِ 100 سيڪڙو رقم ساڳئي سال ۾ رکي وڃي البته خاص حالتن ۾ اها مدت ٻن سالن تائين ٿي سگهي ٿي. جاري منصوبن جا فنڊ ٻه مساوي قسطن ۾ ۽ نون منصوبن جا فنڊ چار مساوي قسطن ۾ جاري ڪيا ويندا بشرطيڪه پهرين جاري ڪيل فنڊن جو 60 سيڪڙو استعمال ٿي چڪو هجي. وڏي وزير زور ڏنو ته ضلعي سالياني ترقياتي پروگرام جا فنڊ مؤثر طريقي سان استعمال ڪيا وڃن، جاري منصوبن جي مڪمل ٿيڻ تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏنو وڃي ۽ سموري عمل ۾ شفافيت ۽ جوابدهي کي يقيني بڻايو وڃي.
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ

https://www.youtube.com/watch?v=5uur1wv4yi

اپنا تبصرہ بھیجیں