
ٺٽو(علي گوهر قمبراڻي) ٺٽي پوليس جون ڏوھارين، ڦورن ۽ منشيات فروشن خلاف ڪاروايون جاري، مختلف ھنڌن تي ڪاروايون ڪندي 22 منشيات فروش کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان وڏي مقدار ۾ منشيات ۽ گاڏيون ھٿ ڪري مٿن لاڳاپيل ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪري ورتا آھن، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر عمران خان جي خاص ھدايتن تي سي آئي اي پوليس ٺٽي جي انچارج ممتاز علي بروھي، ايس ايڇ ٺٽو عطھر چنا، ايس ايڇ او گھارو محمد علي ڌامراہ، ايس ايڇ او ڌاٻيجي مبين پرھياڙ سميت مڪلي. گھوڙاٻاري ۽ ڳاڙھو پوليس مختلف ھنڌن تي ڪاروايون ڪندي 22 منشيات فروشن، ڏوھارين، ڦورن توڙي منشيات سپلائي ڪندڙن ڪريم بخش نوتيار، حبيب گندرو، حاجن لغاري، منظور جاکرو، اڪرم ڪھيو، لطيف ملاح، حفيظ جوکيو، طيب ڪنڀار، جمن سوڍو، دلدار خاصخيلي، عثمان خاصخيلي ۽ بين کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 9 ھزار 7 سئو 70 پيڪٽ انڊين گھٽڪو، 4 ھزار 6 سئو 50 گھٽڪو ماوا، ھڪ سئو 3 ڪلو گھٽڪو مٽيريل، 5 سئو 10 گرام چرس، 40 ديسي شراب جون ٿيلين سميت منشيات ۾ استعمال ٿيندڙ ھڪ ڊاٽسن پڪ اپ ۽ ھڪ سوزڪي پڪ اپ کي ھٿ ڪري مٿن مختلف ٿاڻن تي گٽڪي، نارڪوٽيڪس ۽ منشيات آرڊيننس تحت ڪيس داخل ڪري کين جيل موڪلي ڇڏيو آھي، صحافين سان ڳالھائيندي سي آء اي پوليس ٺٽي جي انچارج ممتاز علي بروھي چيو تہ ڏوھارين، ڦورن ۽ منشيات فروشن خلاف ڪاروايون جاري رھنديون، ڪنھن کي بہ ڏوھ ڪرڻ جي اجازت نہ ڏني ويندي، ان عمل ۾ جيڪو ڏٺو ويو اھو قانون کان ڪڏھن بچي ڪونہ سگھندو، ٻئي طرف سي آءِ اي ٺٽو پوليس ٺٽي شھر ۾ حاجي احمد ميمڻ جي قادري جنرل اسٽور تي ڪامياب ڇاپو ھڻي وڏي تعداد ۾ منشيات ۾ استعمال ٿيندڙ سامان ھٿ ڪري دڪاندار حاجي احمد ميمڻ جي پٽ ياسين ميمڻ کي گرفتار ڪري ورتو آھي.


