
ٺٽو
ايس ايس پي ٺٽو گٽڪي ۽ منشيات جي سھولتڪاري ۾ مولث ڪانسٽيبل کي ڊسمس فرام سروس ڪري ڇڏيو،ايس ايس پي ٺٽو عديل حسين چانڊيو پاران ڊي ايس پي جمعہ خان پنھور جي انڪوائري رپورٽ ۾ گٽڪي ۽ منشيات جي سھولتڪاري ۾ ملوث ھجڻ تي ڪانسٽيبل نمبر-61 شھزاد سرائي کي ڊپارٽمينٽل ڪارروائي ڪري ڊسمس فرام سروس ڪري ڇڏيو ايس ايس پي ٺٽو وڌيڪ چيو ته اگر ڪو به پوليس آفيسر يا اھلڪار منشيات يا گٽڪي جي سھولتڪاري ۾ ملوث ھوندو ته انجي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري ڊسمس فرام سروس ڪيو ويندو


