
حيدرآباد ۾ وڪيلن ۽ پوليس وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ، ڌرڻو، هاءِ وي بلاڪ
حيدرآباد (بيورورپورٽ) حيدرآباد ۾ وڪيلن ۽ پوليس وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي، ٻين شهرن ۾ به وڪيلن ڌرڻو هڻي ڌرڻو هنيو، جڏهن ته ڊي آءِ جي طارق رزاق ڌاريجو پاران واعدو پورو نه ڪرڻ تي وڪيلن سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
۽ هو عدالتن جو بائيڪاٽ ڪندي هاءِ ڪورٽ بار پهتا ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد کي هاءِ ڪورٽ بار پهچڻ لاءِ هڪ ڪلاڪ جو وقت ڏنو پر ان باوجود ڊي آءِ جي حيدرآباد نه اچڻ تي وڪيلن جو وڏو انگ حيدرآباد بائي پاس نسيم نگر ڦاٽڪ وٽ پهچي ويو ۽ سپر هاءِ وي جا ٻئي ٽريڪ بلاڪ ڪري ڇڏيا.


