عالمي بينڪ جي سهڪار سان هلندڙ سولر هوم سسٽم ورهائڻ جو منصوبو جولاءِ 2025 تائين مڪمل ٿيندو،وزير توانائي ناصر شاهه

ڪراچي
تاريخ 11 فيبروري 2025
وزير توانائي ناصر شاهه جي صدارت هيٺ سولر سسٽم جي ورڇ بابت جائزو اجلاس، مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني جي خصوصي شرڪت
ڪراچي (): سنڌ جي توانائي، ترقي ۽ رٿبابندي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته عالمي بينڪ جي سهڪار سان ٻه لک سولر هوم سسٽم 31 جولاءِ 2025 تائين مڪمل ٿي ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ توانائي کاتي ۾ سولر هوم سسٽم جي ورڇ بابت منصوبي جي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ منعقد ٿيل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو جنهن ۾ سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني خاص طور تي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي توانائي کاتي جو سيڪريٽري مصدق احمد خان، اسٽيٽ اسٽيڪس ايڊوائيزر سولر انرجي پروجيڪٽ سونيا سومرو، سيد زين حيدر، سڪندر علي ۽ منصوبي جا عبدالغني پڻ موجود هئا. صوبائي وزيرن سيد ناصر حسين شاهه ۽ سعيد غني ان موقعي تي چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو جي ويزن ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي هدايتن تي منصوبي جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي ته جيئن چيئرمين جي ويزن کي جلد کان جلد مڪمل ڪري سگهجي. ان موقعي تي توانائي واري وزير هدايت ڪئي ته هر مهيني سڀني ضلعن ۾ 1600 سولر هوم سسٽم جي ورڇ کي يقيني بڻايو وڃي جڏهن ته هر ضلعي ۾ هر هفتي 400 سولر پينل ورهايا وڃن. هن چيو ته هي منصوبو هر صورت ۾ 31 جولاءِ 2025 تائين مڪمل ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ويئر هائوس ۾ 50,000 سولر پينلز جي ورڇ 30 ڏينهن اندر مڪمل ڪئي وڃي ۽ ان جي رپورٽ کيس پيش ڪئي وڃي. ناصر حسين شاهه چيو ته لاڳاپيل انتظاميا جي تعاون سان سولر پينلز جي ورڇ جي حوالي سان تقريبون منعقد ڪيون وينديون.
محمد شبيه صديقي
ڊائريڪٽر آف انفارميشن/ڊائريڪٽر آف ميڊيا مئنيجمينٽ
وزير توانائي ۽ پي اينڊ ڊي سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں